هاڻي جڏهن ڀارت جي موجوده انتهاپسند حڪمران جماعت بي جي پي جي انتهاپسند وزيراعظم نريندر موديءَ پهلگام واقعي کي بنياد بڻائي پاڪستان سان هڪ طرفي نموني سنڌ طاس معاهدو رد ڪري پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي ۽ ان کان پوءِ پاڪستان جي وفاقي حڪومت پنهنجي ملڪ جي عوام لاءِ پاڻيءَ جو ڪيس وڙهڻ شروع آهي ته اسان ان کي پاڻي جي معاملي تي سنڌ جي ڪيس جي اخلاقي فتح سمجهون ٿا. ائين جڏهن پاڪستان ڀارت جي بگليهار ڊيم خلاف احتجاج ڪري رهيو هو ته اسان تڏهن به ان معاملي کي ڪالا باغ ڊيم تي سنڌ جي اختيار ڪيل موقف جي اخلاقي سوڀ سمجهي هئي.
سنڌ طاس معاهدي کي رد ڪرڻ واري ڀارتي حڪومت جي فيصلي کي اسان سنڌ واسي به رد ڪيون ٿا ۽ ان معاملي ۾ وفاقي حڪومت جي موقف ۽ احتجاج کي درست سمجهون ٿا. اسان جو خيال آهي ته پاڻي جهڙي انساني جياپي تي سياست نه ڪرڻ گهر جي پر پاڻي جي عالمي قانونن ۽ معاهدن تي عمل ڪرڻ گهرجي. اصل ۾ مسئلا ۽ بحران پيدا ئي تڏهن ٿيندا آهن جڏهن ملڪ، حڪومتون يا عوام آئين، قانون ۽ اخلاق کان مٿانهون قدم کڻندا آهن جڏهن ته ملڪن جا آئين ۽ قانون هوندا آهن ضرورت صرف انهن تي عمل ڪرڻ ۽ انهن جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جي هوندي آهي. عام ماڻهوءَ مان ته آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي جي توقع ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن ملڪ ۽ حڪومتون ئي آئين ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪن ته ان الميي کي ڇا چئجي پر افسوس ته ايئن ٿي رهيو آهي.
اها سٺي ڳالهه آهي ته پاڪستان بگليهار ڊيم ۽ سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ڀارت جي آڏو احتجاج به ڪيو آهي ۽ مزاحمتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان ڳالهه جو اصولي طور تي سڄي دنيا جي حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ته ڪوبه ملڪ ڪنهن جو پاڻي نٿو روڪي سگهي نه چوري ڪري سگهي ٿو، نه ڪنهن جي حصي مان ڪٽوتي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن پاڻي جي قانون يا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن دنيا هاڻي به اک نه پٽي ته پوءِ واقعي به ڊگهي نظر رکندڙ پاڻي جي ماهرن ۽ دانشورن جي اها اڳڪٿي درست ٿيندي نظر اچي رهي آهي ته اڳتي هلي پاڻيءَ تي جنگ ٿيندي سو ڀارت به سنڌ طاس معاهدو رد ڪري اهڙي جنگ ڏانهن خوفناڪ قدم کڻي چڪو آهي جيڪا جنگ ايٽمي به ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري اسان جو خيال اهو آهي ته پاڻي جي معاملي کي اهڙي ڪنهن نوبت تائين نه پهچايو وڃي.
سو وزيراعظم شهباز شريف پاڻي جي حوالي سان جيڪي به تقريرون ڪري رهيو آهي جيڪي به بيان ڏئي رهيو آهي تن جي هڪ هڪ لفظ سان اسان متفق آهيون. مثال طور هو چئي ٿو ته پاڪستان پنهنجي حصي جي پاڻي تي ڪو ٺاهه نه ڪندو. پاڻي کي هٿيار بڻائڻ خطرناڪ آهي پاڻي پاڪستان جي ريڊ لائين آهي. پاڻي بنيادي حق آهي، 24 ڪروڙ پاڪستانين جي جياپي ۾ رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ طاس معاهدي جي معطلي انتهائي افسوس ناڪ آهي. ڪروڙين ماڻهن جي زندگين کي تنگ نظر سياسي مقصدن لاءِ يرغمال نه ٿو بڻائي سگهجي. ايئن ويراعظم شهباز شريف پاڻي جي معاملي تي جيڪو ڪجهه ڀارت کي اڄ چئي ۽ ٻڌائي رهيو آهي سو ئي اسان سنڌ جي پاڻي جي حوالي سان وفاق ۽ پنجاب صوبي کي چوندا رهيا آهيون ته اهي درياهن جي عالمي قانونن ۽ پاڻي جي معاهدي موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو درياهي پاڻي ڏين. سنڌ ۾ رهندڙ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهن جي آبادي ۽ زرعي زمينن کي اڃيو رکڻ زيادتي آهي. حقيقت ته اها آهي ته وفاق ۽ پنجاب جي حڪومت به پاڻي جي ورڇ جي معاملي ۾ سنڌ سان ڪو انصاف نه ڪري سگهي آهي.
ملڪ اندر ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪا پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جو مسئلو آهي تنهن جو ذميوار وفاق ۽ پنجاب آهي جنهن جي تاريخ شاهد آهي. هونئن ته انگريزن جي دور کان پاڻي تي پنجاب ۽ سنڌ جو تڪرار رهيو آهي جڏهن ٿل ڪئنال تي پنجاب انگريز سرڪار کان اجازت پئي گهري ته سنڌو درياهه مٿان اسان کي اهو ڪئنال ٺاهڻ ڏيو جنهن تي انگريز سرڪار اهو چئي انڪار ڪيو هو ته ان سان پنجاب جي رڳو 15 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي جڏهن ته سنڌ جي 40 لک ايڪڙ آباد زمين غير آباد ٿي ويندي جو ان جي پاڻي جي کوٽ ٿيندي. پر پاڪستان ۾ پاڻي جي سڀ کان وڏي کوٽ تڏهن ٿي جڏهن جنرل ايوب 1960 ۾ پنجاب جا ٽي درياهه ستلج، بياس ۽ راوي وڪرو ڪيا. پهريون چيائين ته پنجاب اندر پاڻي جي ان سان کوٽ نه ٿيندي جو ان کي جر جو پاڻي دستياب آهي، اهو اتان کڻندو پر اڳتي هلي ان انهن ٽن وڪرو ٿيل درياهن جو پاڻي پوءِ سنڌ جي حصي مان کڻڻ شروع ڪيو جنهن نتيجي ۾ سنڌ اندر 150 ايم اي ايف پاڻي جي شديد کوٽ ٿي جنهن سنڌ جي سڄي ڊيلٽا تباهه ڪري ڇڏي. هاڻي ته بقول ذوالفقار ڀٽو جونيئر جي ته سڄي سنڌ ڊيلٽا ٿي وئي آهي.
چوڻ جو مقصد ته هڪ ته پنجاب پنهنجا درياهه ٽي وڪرو ڪري ڇڏيا ٻيو ته جيڪي به پاڻي جا معاهدا ڪيا آهن تن تي ڪڏهن به بيٺو ناهي.انهن جي هر دور ۾ ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي جنهن نتيجي ۾ سنڌ ۾ شديد پاڻي جي کوٽ آهي. سو اڄ ڀارت جيڪو پاڪستان سان پاڻي جي معاملي ۾ ڪري رهيو آهي سوال اهو آهي ته ڇا اهو ڪجهه وفاق ۽ پنجاب جي هر دور جي حڪومت سنڌ سان نه ڪري رهي آهي؟ اميد ته ان پاسي به سوچيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ ازالو ڪيو ويندو.