پاڻي پاڪستان جي ريڊ لائن آهي، ڪشمير تان ڪڏهن به هٿ نه کڻنداسين

راولپنڊي(م ڊ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڻي پاڪستان جي ريڊ لائن آهي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي هن بنيادي حق تي ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪنداسين. آءِ ايس پي آر  طرفان جاري ڪيل بيان مطابق، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري)، مختلف يونيورسٽين جي وائس چانسلرن، پرنسپالن ۽ سينيئر استادن سان ڳالهائيندي اها ڳالهه چئي. پاڪ فوج جي ترجمان مطابق، فيلڊ مارشل چيو ته استاد پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن، مان اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان، اهو پنهنجي والدين ۽ استادن جي ڪري آهيان. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان جي ايندڙ نسلن جي ڪردار سازي استاد جي ذميواري آهي، توهان (استاد) کي پاڪستان جي ڪهاڻي ايندڙ نسلن تائين پهچائڻي آهي. حق جي معرڪي ۾ الله پاڪ پاڪستان جي هر طريقي سان مدد ڪئي. سپه سالار چيو ته حق جو معرڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جڏهن سڄي قوم هڪ فولادي ديوار بڻجي وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت ان کي ڊاهي نٿي سگهي. آءِ ايس پي آر مطابق سپه سالار چيو ته ڪشمير جو ڪو به سودو ممڪن ناهي، اسان ڪڏهن به ڪشمير کي نٿا وساري سگهون، ڀارت ڄاڻي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير کي ڇڏيندو نه. فيلڊ مارشل چيو ته پاڻي پاڪستان جي ريڊ لائن آهي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي هن بنيادي حق تي ڪا به آنچ اچڻ نه ڏينداسين. پاڪ فوج جي ترجمان مطابق، هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي هڪ هٽي ڪڏهن به قبول نه ڪندو. ڀارت ڪيترن ڏهاڪن کان ڪشمير جي مسئلي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ناڪام ويو، هاڻي اهو ممڪن نه رهيو آهي. عاصم منير چيو ته دهشتگردي ڀارت جو اندورني مسئلو آهي، جنهن جي بنيادي سبب اقليتن، خاص طور تي مسلمانن، تي وڌندڙ ظلم ۽ تعصب آهي. جڏهن ته ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي. بلوچستان ۾ دهشتگرد فتنہ الهندستان آهن، جن جو بلوچن سان ڪو به تعلق ناهي. فيلڊ مارشل چيو ته اسان کي پاڪستان کي هڪ اهڙي مضبوط رياست بڻائڻو آهي، جتي سمورا ادارا قانون مطابق، آئين تحت، بنا ڪنهن سياسي دٻاءُ، مالي يا ذاتي مفادن جي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن. جيڪو به رياست کي ڪمزور ڪرڻ جو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري، ان جي مخالفت ڪئي وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان مطابق، شرڪت ڪندڙن پنهنجي تاثرات ۾ چيو ته "هي جيڪا محفوظ ڌرتي آهي، ان جي پويان وردي آهي”، اسان کي پاڪستان ۽ پنهنجي هٿياربند فوجن تي فخر آهي، ۽ اسين هميشه انهن سان گڏ بيهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.