دبئي(ڪامران خان) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل، جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ 60 لک آهي، اتي طالبان حڪومت سيـف سٽي پروجيڪٽ مڪمل طور تي فعال ڪري ڇڏيو آهي. ڪابل جي ڪنٽرول روم مان 90 هزار هاءِ ڊيـفنيشن ڪيمرائن جي مدد سان شهر جي نگراني ڪئي پئي وڃي.اها خوشگوار حيرت ان ڳالهه تي آهي ته دنيا جي تمام گهڻن خطري واري شهرن مان هڪ سمجهيو ويندڙ ڪابل ۾ سيڪيورٽي لاءِ اهڙو جديد نظام فعال ٿي ويو، جيڪو هاڻي عالمي ميڊيا جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي ٻئي پاسي ڪراچي خوابن جو شهر، پر سيـف سٽي هڪ اڻ پورو خواب بڻيل آهي،اڍائي ڪروڙ ماڻهن جي شهر ڪراچي ۾ سيـف سٽي پروجيڪٽ صرف فائيلن تائين محدود آهي.جڏهن ته طالبان کي اقتدار ۾ آئي لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سال گذري چڪا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 2008 کان اقتدار ۾ آهي، يعني 17 سال پورا ٿي چڪا، پر ڪراچي ۾ سيـف سٽي جو تصور اڃا به حقيقت نه بڻجي سگهيو آهي.سيـف سٽي پروجيڪٽ بابت نه 2013 ۾، نه 2015 ۾ ۽ نه ئي 2016 ۾ ڪابه عملي اڳڀرائي ٿي سگهي. ڪڏهن قانوني رڪاوٽن، ته ڪڏهن انتظامي غفلت جي ڪري، هي منصوبو مسلسل تعطل جو شڪار رهيو آهي.هر ڀيري جڏهن سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو آهي، سيـف سٽي منصوبو ايجنڊا جو حصو ته ٿيندو آهي، پر عملي قدم نظر نه ٿو اچي.