پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو: شهباز شريف

دوشنبي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف دوشنبي ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جي طرفان پاڪستان خلاف جارحيت جنگي قدم هو، عالمي برادري کي گهرجي ته ڀارت کان هن غير ذميوار  رويي بابت جواب طلب ڪري، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو، پر پنهنجي علائقائي خودمختياري ۽ سالميت جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو، ڪشمير جي مسئلي بابت وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير جو پراڻو مسئلو حل ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي قرادادن جي مطابق حل ڪيو وڃي، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، وزيراعظم سان ملاقات دوران چيو ته پاڪستان اسان جو بااعتماد دوست آهي، اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا حامي آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.