ڳڙھي خيرو/ حيدرآباد (ن ع آ/ پ ر) ڳڙھي خيرو ڀرسان وڌيڪ هڪ قلم ڌڻي شهيد ٿي ويو، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس، ڳڙھي خيرو ۾ ابتڪ نيوز جي رپورٽر ۽ سينيئر صحافي سيد محمد شاهه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، رپورٽ موجب ڳڙھي خيرو ڀرسان ڳوٺ الطاف شاھ ۾ جوابدار عبدالحسين عمراڻي فائرنگ ڪري صحافي سيد محمد شاھ کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، ان موقعي تي صحافين ۽ شھرين ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته صحافي سيد محمد شاھ جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.صحافين ۽ شھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته صحافي محمد شاھ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آھي، قتل ۾ ملوث جوابدار سر عام گھمن ٿا، افسوس ڳڙھي خيرو پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي، جوابدار ڪجھه ڏينھن اڳ فائرنگ ڪري 2 گھروارين کي قتل ڪيوهو، ٻي پاسي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي وقتي صدر خالد کوکر، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ايف اي سي جي ميمبر لالا رحمان سمون، اقبال ملاح، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد وسيم خان ۽ جنرل سيڪريٽري ايڇ يو جي ڄام فريد لاکو سميت ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبرن ڳڙھي خيرو جي سينيئر صحافي سيد محمد شاهه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويون آهن، جنهن جو ثبوت بلوچستان کان پوءِ سنڌ جي علائقي ڳڙھي خيرو ۾ هڪ ٻئي صحافي جو قتل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڳڙھي خيرو جي صحافي سيد محمد شاهه جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قانوني جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي وقتي صدر خالد کوکر آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ سان رابطو ڪري صحافي سيد محمد شاهه جي قتل بابت آگاهي ڏني، جنهن تي آءِ جي سنڌ قاتلن خلاف جلد ڪارروائي جو يقين ڏياريو.