بدين(رازق ڏنو کوسو) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، ضلعي بدين جي صدر مهراڻ درس، جنرل سيڪريٽري مختيار بڪاري، فاضل زنئور، بهادر ٽالپر ۽ ٻين بدين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ شرط جهڙي ريت سنڌ جي زمينن، معدنيات، وسيلن، شهرن، پاڻي ۽ سنڌ جي ملڪيتن مٿان قبضو ڪيو ويو اهڙي طرح اڄ به ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين، سنڌو درياءَ ۽ معدني وسيلن ۽ تاريخي ماڳن تي قبضي جو ڀيانڪ ۽ خطرناڪ سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي. هن چيو ته هن وقت سموري سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ آهي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو جائز پاڻي نٿو ملي. تونسا کان گڊو تائين سنڌ جو لکين ايڪڙ فوٽ پاڻي پنجاب جا حڪمران زبردستي کڻي وڃن ٿا. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ سنڌ سرڪار سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين گرين انيشيئٽو ڪمپني حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ تازو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي نالي ۾ 82 هزار ايڪڙ زمين درياهه جي ڪچي جي زمين مختلف ڪمپنين کي ڏني وئي آهي. پيپلزپارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جو هڪ ئي موقف آهي. هن چيو ته عوامي تحريڪ پر امن جمهوري جدوجهد جاري رکندي 31 مئي تي سانگهڙ جي شهر جهول، پهرين جون تي ضلعي بدين جي شهر سيراڻي ۾ڪارپورٽ فارمنگ،ڪئنالن ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. 21 جون 2025 تي جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ جي باني ۽ عظيم انقلابي مفڪر قائد انقلاب رسول بخش پليجي جي ستين ورسي جي موقعي تي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، ڪينالن ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ملڪگير جلسو ڪيو ويندو،