غوثپور ۾ بدامني خلاف موبائيل جون بتيون ٻاري مارچ

غوثپور(ن ع آ) غوثپور ۾ بدامني، ڀتا خوري۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف شھرين موبائيل جون بتيون ٻاري ٻئي ڏينھن به احتجاجي مارچ ڪري ڪشمور پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، آل پارٽيز موومينٽ ۽ ھندو پنچائت جي سڏ تي شھر جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي جماعتن جي اڳواڻڻ ۽ شهرين مکي محلي کان ھڪ وڏي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف بازارن کان ٿيندي شھر جي مئن بس اڏي پهتي، جتي مولانا جمالدين اوڳاھي، سيد سھيل شاهه، چوڌري رميش لال، مولانا اسدالله، وڪيل خليل احمد، نارائڻ ناز، صفيع لاشاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شھر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني ۽ ڦرلٽ توڙي اغوا جي واقعن سبب ڪوبه شھري ۽ ڪاروباري ماڻھو محفوظ ناھي.

  • ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف امن مارچ

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ :ممتازسنڌي)ڪنڌ ڪوٽ جي سينئر وڪيل مظفر علي سومرو کان ھٿياربندن ڏوھارين پاران ڀتو گھريو نه ڏيڻ تي گھر مٿان فائر ڪرڻ واري عمل خلاف ڊسٽرڪٽ  بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪات ڪيو ويو واقعي خلاف وڪيلن پاران عبدالغني بجاراڻي،آفتاب چنا ،منور علي ڀٽو ،فياض  احمد بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي کي آگاهه ڪرڻ باوجود ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، ٻئي پاسي ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ ڀتاخوري، غنڊاگردي ـ ڦرلٽ  واقعي خلاف ٻئي ڏينهن تي به آل پارٽي موومينٽ  ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي سوين شھرين ھٿن ۾ امن جو جھنڊو ۽ موبائل جون ٽارچون ٻاري ڊاڪٽر ميھر چند، غلام مصطفي ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت بجاراڻي، اشوڪ ڪمار ،عزيز سومرو، عبدالفتاح مغل،  فيض محمد لوھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امن ريلي ڪڍي وئي،

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.