ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) مورو واقعي تي ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراھي ۾ جوڙيل 5 رڪني جاچ ڪميٽي پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، پھرين مرحلي ۾ نوشھروفيروز جي اڳوڻي ايس ايس پي سنگهار ملڪ سميت آفيسرن ۽ اھلڪارن جا بيان قلم بند ڪيا ويا، جاچ ڪميٽي جي چيئرمين عرفان بلوچ، ايس ايس پي امجد شيخ، ڊي ايس پي افتخار ٻرڙو ۽ سب انسپيڪٽر نيڪ محمد کوسو پاران نوشھروفيروز جي اڳوڻي ايس ايس پي سنگھار ملڪ، اڳوڻي ڊي ايس پي مورو محسن رضا، اڳوڻي ڊي ايس پي نوشھروفيروز قلندر بخش سومرو، اڳوڻي ڊي ايس پي ھيڊ ڪواٽر غلام حسين ڏاھري، اڳوڻي ڊي ايس پي ڪمال ڏيرو پرويز ميمڻ، مورو ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او مجيب ناريجو، درس ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او سڪندر علي چانگ، سڌوجا ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او رفيق احد رند، نوان جتوئي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او محمد رفيق ٻوھيو، اڳوڻي ڊي آءِ بي انچارج شاھد علي ڏھراج، مورو ٿاڻي جي اڳوڻي وڏي منشي عبدالحق پنھور، درس ٿاڻي جي وڏي منشي شھمير سولنگي، سڌوجا ٿاڻي جي وڏي منشي نادر علي کوسو، نوان جتوئي ٿاڻي جي وڏي منشي امجد علي، لائين آفيسر زاھد علي سميت لنجار ھائوس جي عملي ۽ اسپيشل برانچ جي گروپ جا قلم بند ڪري ڇڏيا، طلب ڪيل آفيسرن ۽ اھلڪارن واقعي بابت سمورا تفصيل بيان ڪيا ۽ جاچ ڪميٽي ٻڌايو ته قلم بند ڪيا ويا ، رپورٽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ آڏو پيش ڪئي ويندي، جڏھن ته جاچ ڪميٽي ۾ شامل ايس ايس پي شبير سيٺار بيان قلم بند ڪرڻ واري مرحلي ۾ شرڪت نه ڪئي.