ڪراچي(ارباب چانڊيو)مورو ۾ پيش آيل خوني سانحي بابت ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي. ڪيترائي اهم سوال اٿاريا پيا وڃن، ڇا هي سانحو انصاف تائين پهچندو؟ ڇا مقتولن جي وارثن کي تسلي بخش جواب ملندو؟ ڇا سنڌ جو گهرو وزير ضيا لنجار واقعي عدالتي جاچ چاهي ٿو؟ ۽ ڇا پيپلز پارٽي جي بااثر اڳواڻ فريال ٽالپر واقعي انصاف جي حق ۾ آهي؟ ان حوالي سان ٻنهي اهم اڳواڻن جا تفصيلي موقف سامهون آيا آهن،فريال ٽالپر جو چوڻ آهي ته پوليس قانون موجب ڪارروائي ڪري رهي آهي، انصاف ٿيندو،هن چيو ته مورو ۾ جيڪو واقعو ٿيو آهي، ان بابت وڏي تنقيد ٿي رهي آهي، پر مان واضح طور چوان ٿي ته پوليس ان معاملي کي قانون جي دائري ۾ انجام تائين پهچائيندي جڏهن ته فريال ٽالپر جي هن بيان مان عدالتي يا غيرجانبدار جاچ بابت ڪو واضح ذڪر نه ڪيو ويو ٻئي پاسي گهرو وزير ضيا لنجار، پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ پروپيگنڊا تي نه هلو. مورو واقعي ۾ يقينن غيرملڪي عنصر به شامل آهن، ۽ انهن کي مقامي ماڻهن جي مدد حاصل هئي،هن وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته جن نوجوانن کي استعمال ڪيو ويو، انهن بابت جسمم (جيئي سنڌ متحدا محاذ) جي قيادت پاڻ تسليم ڪيو آهي ته اهي انهن جا ڪارڪن هئا. انڪوائري جاري آهي، جاچ جا نتيجا عوام آڏو پيش ڪيا ويندا.ضيا لنجار کان جڏهن پڇيو ويو ته جيڪي ٻه ماڻهو مارجي ويا، ڇا انهن جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿيندي، ته هن چيو ته جيڪي ماڻهو ڪلاشنڪوف کڻي ماڻهن تي فائرنگ ڪري رهيا هئا، ڇا ان کي بيگناهه چئبو؟ هن چيو ته عرفان لغاري وٽ ڪلاشنڪوف هئي،جيڪڏهن وارث چوندا ته عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ مان تيار آهيان،ڪنهن کان به سياسي انتقام نه پيو ورتو وڃي