غزا(م ڊ) اسرائيل وڌيڪ 64 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب، جمعرات جي ڏينهن غزا پٽي تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 64 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني وزارت صحت جي بيان مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي وحشياڻن حملن ۾ 67 فلسطيني شهيد ۽ 184 زخمي ٿيا آهن. برطانيه، اسرائيل پاران اولهه ڪناري ۾ 22 نيون غيرقانوني يهودي بستيون قائم ڪرڻ جي اعلان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هي عمل ڄاڻي واڻي فلسطيني رياست جي قيام ۾ رنڊڪ بڻائڻ جي ڪوشش آهي. اسرائيل والاريل اولهه ڪناري ۾ 22 نيون غيرقانوني يهودي بستيون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. تل ابيب مان خبر ايجنسي موجب اسرائيل جي ناڻي واري وزير چيو آهي ته اسرائيل جي اوڀر سرحد کي مضبوط ڪرڻ ۽ اتر وارن علائقن ۾ آبادي وڌائڻ لاءِ هي فيصلو ڪيو ويو آهي۔
-
بجيٽ تاريخ بدلائڻ جي ترديد، 10 جون تي ئي پيش ٿيندي: ناڻي واروسيڪريٽري
اسلام آباد (ع آ نيوز) ناڻي کاتي جي سيڪريٽري امداد الله بوسال بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ ۾ ڦيرڦار بابت هلندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته مالي سال 26-2025 جو بجيٽ 10 جون تي ئي پيش ڪئي ويندي.ان کان اڳ ذريعن جي حوالي سان خبرون سامهون آيون هيون ته عيدالفطر جي موقعي تي 7 ۽ 8 جون تي عام موڪلون هونديون، جنهن کانپوءِ عيد جي ٽئين ڏينهن 9 جون تي ڪم جو ڏينهن قرار ڏيڻ جو اعلان ڪرڻو پوندو.ذريعن موجب، 9 جون تي قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) ۽ اقتصادي سروي جاري ڪرڻ جو شيڊيول آهي، پر ٻنهي کي هڪ ئي ڏينهن جاري ڪرڻ عملي طور ممڪن ناهي. ذريعن ٻڌايو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن سان گڏ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم به شرڪت ڪندو، اجلاس ۾ ترقياتي پروگرام کي حتمي شڪل ڏني ويندي، جيڪو سڄو ڏينهن جاري رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۽ بجيٽ پيش ڪرڻ جي وچ ۾ ٻن ڏينهن جو وقفو رکيو ويندو آهي، تنهنڪري امڪان ظاهر ڪيو ويو هو ته وفاقي حڪومت بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري سگهي ٿي. پر هاڻ امداد الله بوسال واضح ڪيو آهي ته بجيٽ پنهنجي طئي ٿيل تاريخ 10 جون تي ئي پيش ڪيو ويندو.