ڪراچي(رپورٽر) آپريشن ”بنيان مرصوص“جي ڪاميابي تي ايف پي سي سي آءِ پاران ڪراچي ۾ يوم تشڪر جي هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ جي آمد تي، ايف پي سي سي آءِ جي نائب صدر ثاقب فياض مگو، سينيٽر سرمد علي، سينيئر صحافي فيصل زاهد ملڪ، سينئر صحافي شهاب زبيري ۽ ٻين استقبال ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته الحمدالله پاڪستان فخر سان هي جنگ کٽي، هيءَ قوم جي تاريخي فتح آهي. هن چيو ته 51 سالن جي عمر ۾، 10 مئي جو ڏينهن هميشه مون لاءِ يادگار رهندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي فوج ۽ سياسي قيادت متحد ٿي دشمن کي تاريخي شڪست ڏني، ۽ هي 25 ڪروڙ عوام جي گڏيل جدوجهد جي فتح آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي بنياد رکي، ۽ شهيد بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي فراهم ڪري قوم جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ميڊيا ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو،