آصفا ڀٽو زرداري جو ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺاهيل گهرن جو جائزو، سندون ورهايون

نوابشاهه (رپورٽ: ممتاز خاصخيلي)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خاتون اول آصفا ڀٽو زرداري، عالمي بينڪ جي وفد سان گڏ نوابشاهه جو دورو ڪيو. وڏي وزير سان گڏ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ آصفا ڀٽو زرداري پڻ موجود هيون. ساڻس گڏ عالمي بينڪ جو اعليٰ سطحي وفد به ضلعي جو دورو ڪرڻ لاءِ نوابشاهه پهتو، جنهن ۾ بينڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر فار آپريشنز انا بيجرڊ، ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن هيسن، آپريشنز مينيجر گيليئس جي ڊريگوليس، ڊي آر ايم اسپيشلسٽ بلال خالد،حنا سليم لوٽيا ۽ فنڪ پاتريڪ شامل هئا. وفد تعلقو دوڙ جي يونين ڪائونسل ڄام ڏاتار ۾ نظر محمد لغاري ڳوٺ پهتو، جتي 2022ع جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ تعمير ٿيل نون گهرن جو معائنو ڪيو ويو. ان موقعي تي آصفا ڀٽو زرداري 32 متاثر عورتن ۾ گهرن جي مالڪيءَ جون سندون ورهايون. هن ڳوٺ ۾ 52 گهر تعمير ڪرڻ جو منصوبو آهي، جن مان 32 مڪمل ٿي چڪا آهن. هي منصوبو عالمي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان خاص طور ٻوڏ متاثر غريب عورتن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو ملڪيت جي حق ذريعي کين معاشي طور بااختيار بڻائي ٿو. آصفا ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت عورتن جي ملڪيت واري حق لاءِ واضع موقف رکي ٿي ۽ هي قدم تاريخي اهميت رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هن رٿا سان ڳوٺاڻين عورتن کي نه رڳو رهائش ملي آهي، پر مالي ۽ سماجي سطح تي به مضبوط بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 2022ع جي ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 21 لک گهر مڪمل طور تباهه ٿيا. ورلڊ بينڪ پاران 500 ملين ڊالر جي امداد سان بحالي جو ڪم فوري طور شروع ٿيو، جنهن کان پوءِ وڌيڪ 450 ملين ڊالرز جي واڌو امداد ملي، جنهن سان 7 لک 78 هزار گهر تعمير ٿيا. ان مان 54.92 ملين ڊالر پاڻي، صفائي ۽ صحتِ عامه (WASH) لاءِ مختص ڪيا ويا، جن مان سنڌ جي 1000 ڳوٺن جا 66691 خاندان فائدو وٺي چڪا آهن. وڏي وزير ٻڌايو ته شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ 1 لک 4 هزار 822 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا هئا، جن مان 60 هزار گهر تعمير هيٺ ۽ 40 هزار کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪا آهن. صحت جي بهتريءَ لاءِ وڏي وزير، خاتون اول، صحت واري وزير ۽ وفد پاران بي ايچ يو ڄام صاحب جو پڻ دورو ڪيو ويو. جتي پي پي ايڇ آءِ جي سي اي او جاويد جاگيراني پاران بريفنگ ڏني وئي. عالمي بينڪ جي وفد اداري کي اطمينان جوڳو قرار ڏيندي چيو ته هي ادارو مقامي ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون مهيا ڪري رهيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه بي ايچ يو جي سهولتن، انساني وسيلن ۽ تعميراتي معيار کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته بي ايچ يو شهيد بينظيرآباد هاڻي هڪ معتبر اداري جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، جيڪو مقامي ماڻهن لاءِ جديد علاج فراهم ڪري رهيو آهي. هي دورو عالمي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ موسمياتي آفتن جي مقابلي، بحالي ۽ بااختياري لاءِ گڏيل عزم جي علامت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.