سنڌ جون زرعي زمينون ۽ بي زمين هارين جي حقن جو سوال

سنڌ، جنهن کي زرعي دولت جو خزانو سمجهيو وڃي ٿو تنهن جا  وسيع زميني وسيلا گذريل ڏهاڪن کان زرعي ترقيءَ  جو بنياد رهيا آهن، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ زمين جي مالڪي ۽ استعمال جي حوالن سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي چڪا آهن، جيڪي هتان جي زرعي پيداوار ۽ زميندارن جي معيشت تي اثر انداز ٿيا آهن. خاص طور تي ڪارپوريٽ فارمنگ جو لاڙو جيڪو اڄ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ وڌي رهيو آهي تنهن سنڌ ۾ زمين جي ورڇ جي مسئلي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي.

ڪارپوريٽ فارمنگ جو مطلب آهي وڏين ڪارپوريشنز يا ڪمپينن جي مدد سان زراعت کي ، جديد نموني هلائڻ جنهن سان چون ٿا ته زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو پر ان سان گڏ زمين جي قبضي جي نئين قسم جا مسئلا پڻ پيدا ٿي سگهن ٿا. سنڌ جي زمين ڪمپينين کي ڏني ويندي ته ان سان بي زمين ۽ ننڍڙن هارين جو حق غصب ٿئي ٿو جنهن سبب زرعي سماج ۾ اڻ برابري وڌي ويندي ۽ زرعي ترقي جا مقصد مڪمل طور تي حاصل نٿا ٿي سگهن. سنڌ جي زرعي زمينن تي گذريل سالن ۾ مالڪي جي صورتحال تمام پيچيده ٿي چڪي آهي، وڏن زميندارن کان علاوه ڪجهه زمينون ڪمپنين يا وڏين ڪارپوريشنز کي ڏنيون وڃن ٿيون، جيڪي گهڻو ڪري زمين کي رڳو سرمايي جي طور تي ڏسن ٿيون ۽ هارين  کي زمين جي استعمال کان مڪمل طور تي خارج ڪري ڇڏين ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ بي زمين هاري، جيڪي زرعي سماج جو بنيادي حصو آهن تن کان روزگار ۽ وسيلا کسجڻ جو خطرو رهي ٿو.

ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمين  ڪمپنين کي ڏيڻ جو فيصلو نه صرف بي زمين هارين جي حقن جي خلاف آهي پر اهو سماجي انصاف ۽ اقتصادي مساوات جي اصولن سان به ٺهڪي نٿو اچي. بي زمين هارين کي زمين ڏيڻ سان انهن کي پنهنجو روزگار، معيشٽ ۽ سماجي حيثيت بحال ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جيڪا سنڌي جي زرعي ترقي لاءِ انتهائي ضروري آهي. بي زمين هارين کي زمين ڏيڻ سان انهن جي معيشت ۽ زندگيءَ ۾ استحڪام ايندو. زمين انهن لاءِ روزگار جو بنيادي وسيلو آهي، جنهن تي سندن زندگي جو دارومدار آهي، جڏهن بي زمين هارين کي زمين ملندي ته اهي محنت ۽ جوش سان پنهنجي زمين تي جديد طريقن سان ڪم ڪري زرعي پيداوار وڌائي سگهن ٿا. اهو سنڌ جي زرعي معيشت لاءِ اهم آهي. جڏهن هارين کي زمين ملندي ته انهن جو پنهنجو ڳوٺ ۽ علائقو ترقي ڪرڻ لڳندو جنهن سان ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به اقتصادي سرگرميون وڌي وينديون. بي زمين هارين کي زمين ڏيڻ سان انهن جي زرعي ڄاڻ ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته زميندار هجڻ سان هاري پنهنجي زمين سان لاڳاپيل مسئلن کي سمجهي سگهي ٿو ۽ جديد زرعي طريقا اختيار ڪري سگهي ٿو.

ڪارپوريٽ فارمنگ دنيا لاءِ ڀلي ڪيتري به فائديمند هجي جو اتان جون معروضي حالتون ٻيون آهن پر سنڌ جهڙي زرعي معاشري لاءِ اهي نقصانڪار آهن. وڏي پئماني تي ڪمپنين کي کي زمينون ڏيڻ سان بي زمين هارين جو روزگار ختم ٿي سگهي ٿو. ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ جديد مشينري ۽ طريقا استعمال ٿيندا آهن جيڪي مقامي هارين کي به سيکاري سگهجن ٿا ٻيو ته وڏي پئماني تي زمين تي هڪ جهڙي پيداوار ڪرڻ سان زمين جي صحت ۽ ماحوليات متاثر ٿي سگهي ٿو. ۽ هارين جي سماجي ڍانچي کي به متاثر ڪري سگهي ٿي. چيو پيو وڃي ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ وڏا ادارا گهڻو ڪري عالمي مارڪيٽن لاءِ فصل پيدا ڪن ٿا، جنهن سبب مقامي ضرورتن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ زرعي خود ڪفالت جو تصور گهٽجي ٿو.

 جيڪڏهن زمينون صرف وڏن ادارن ۽ ڪمپينن جي هٿن ۾ ڏنيون وينديون ته ان سان معاشري ۾ تڪرار ۽ افراتفري جا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. سو سنڌ جي زراعت لاءِ ضروري آهي ته بي زمين هارين جي زمين تائين رسائي يقيني بڻائي وڃي ان لاءِ  حڪومت کي گهرجي ته  بي زمين هارين کي زرعي زمين مفت يا گهٽ قيمت تي ڏئي ته جيئن اهي پنهنجو ڌنڌو شروع ڪري سگهن ان لاءِ هارين کي جديد زرعي تربيت ۽ وسيلن تائين رسائي ڏني وڃي ته جيئن اهي ڪارپوريٽ فارمنگ جي جديد طريقن سان پاڻ کي مطابقت ۾ آڻي سگهن. ان سان گڏ زرعي قانون ۾ تبديليون آڻيون وڃن جيڪي بي زمين هارين جي حقن کي تحفظ ڏين ۽ زمين جي ناجائز قبضن کي روڪين. بي زمين هارين کي مالي سهولتون ۽ قرض ڏنا وڃن، جيئن اهي جديد زرعي ڪارپوريٽ فارمنگ کي زرعي ماهر سنڌ جي  زرعي مستقبل لاءِ تمام وڏو خطرو ٿا ڄاڻين تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ زرعي پاليسي سازن لاءِ ضروري آهي ته بي زمين هارين کي زمين ڏيڻ کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن انهن جي زندگي ۾ بهتري اچي ۽ سنڌ جو زرعي سماج خوشحال ٿي سگهي. سنڌ جي زمين صرف سرمائيندار ڪمپنين کي ڏيڻ بدران ان کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ گهرجي جيڪي پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان زمين کي سرسبز ڪري سگهن، زرعي ترقي جا خواب ڏسندڙ هجن ايئن ڪرڻ سان نه رڳو زرعي پيداوار ۾ واڌارو ٿيندو، پر سماجي انصاف، امن ۽ استحڪام به قائم رهندو، جيڪو سنڌ جي ترقي لاءِ بي حد اهم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.