ٽنڊو محمد خان (ڊ ر)ٽنڊو محمد خان جي لاکاٽ ، نانگو شاھ يونين ڪائونسلن جي آئيل فيلڊ ،گئس فيلڊ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ، بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 48 ڪلاڪن کان احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو ، پوليس جا اٽالا ڌرڻي واري هنڌ موجود ، ٽنڊو محمد خان جي لاکاٽ ۽ نانگو شاھ يونين ڪائونسلن ۾ زئور رموٽ فيلڊ جي مين گيٽ آڏو جمعيت العلما اسلام،علائقي جي رهواسين جو گڏيل احتجاجي ڌرڻو 48 ڪلاڪن کان جاري رکيو ويو ، طويل احتجاجي ڌرڻي دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڏند چڪ باوجود ڌرڻي کي جاري رکيو ويو ، فيلڊ جي اندر بيٺل ٽينڪرن کي پنهنجي روٽ تي وڃڻ کان روڪيو ويو ، احتجاجي ڌرڻي دوران جمعيت العلما اسلام جي جمعيت العلما اسلام جي ضلعي امير مولانا ابراهيم سومرو ،جمال الدين زئور ،عبدالرحمان سنڌي ۽ ٻين چيو ته علائقي مان گئس ، آئل فيلڊ مان اربين روپين جي رائلٽي حاصل ڪرڻ باوجود علائقي جي ترقي خوشحالي لاءِ ڪو به لاڀ نه ڏنو ويو آهي نه وري صحت ،تعليم،روڊن رستن جي تعمير لاءِ فنڊ مخصوص ڪيا ويا آهن جنهن جي ڪري علائقو تباهي جو منظر بڻيل آهي جڏهن ته ڌرڻي دوران مختيارڪار ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين عملدارن ڌرڻي تي ويٺل مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون پر مظاهرين فيلڊ جي عملدارن سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر سان ڌرڻي ۾ اچي ڳالهين ڪرڻ جو مطالبو رکندي کين ڳالهين کان جواب ڏئي ڇڏيو.