صحت بخش غذا جي کوٽ ۽ هر ماڻهوءَ جي ان تائين رسد اڄ جي دنيا جي سڀ کان اهم صحت جي مسئلن مان هڪ آهي، جيڪو هر عمر جي ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو، خاص طور تي ٻار، ۽ ڳورهاريون مايون يا کير پياريندڙ عورتون وڌيڪ متاثر ٿي رهيون آهن. گلوبل نيوٽريشن رپورٽ 2021 موجب، دنيا ۾ هر نائون ماڻهوصحت بخش غذا جي کوٽ جو شڪار آهي، جڏهن ته هر ٽيون ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن قسم جي غذائي کوٽ، جهڙوڪ گهٽ غذائيت، مائڪرو نيوٽرينٽ جي کوٽ، يا وڌندڙ وزن (اوورويٽ) ۽ ٿولهه (اوبيسٽي) جو شڪار آهي. گهٽ غذائيت، جنهن ۾ قد جو نه وڌڻ (stunting)، جسم جو وزن عمر جي حساب سان گهٽ هجڻ (underweight) ۽ جسم جو تمام گهڻو وزن وڃائي ويهڻ (wasting) شامل آهن، هيءَ صورتحال خاص طور تي انهن ملڪن ۾ عام آهن، جتي خوراڪ جي کوٽ، غير معياري صحت جون سهولتون، ۽ خراب صفائيءَ جا انتظام موجود آهن. اها صحت بخش غذائي کوٽ نه صرف جسماني ۽ ذهني ترقيءَ کي متاثر ڪري ٿي، پر بيمارين جي خلاف مزاحمت گهٽائڻ، ڪم ڪرڻ جي صلاحيت گهٽائڻ، ۽ قومي معيشت تي منفي اثر وجهڻ جو سبب به بڻجي ٿي.
اڄ جي دنيا ٻنهي قسمن جي غذائي کوٽ جو شڪار آهي—هڪ طرف گهٽ صحت بخش غذائيت (Undernutrition) ته ٻئي طرف وڌندڙ وزن ۽ ٿولهه. اها صورتحال خاص طور تي تيزيءَ سان خوراڪ جي واهپي وارين عادتن ۾ تبديلي، ۽ سستي ۽ غذائي خوراڪ جي آسان دستيابيءَ سبب پيدا ٿي آهي. ان جو اقتصادي اثر تمام وڏو آهي، ڪجهه اندازن موجب غذائي کوٽ عالمي معيشت کي ساليانو اربين ڊالرن جو نقصان ڏئي رهي آهي، سواءِ ان جي ته صحت تي خرچ به وڌي رهيا آهن
پاڪستان ۾ ٿيل نيشنل نيوٽريشن سروي (NNS) 2018 موجب هتي غذائي کوٽ جي خطرناڪ صورتحال سامهون آئي آهي، جنهن موجب پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن مان 40.2٪ بندري قد جو شڪار آهن (stunted)، 17.7٪ جسم جي وزن ۾ گهڻي گهٽتائي ِيعني ڪمزوري جو شڪار آهن (wasted) ۽ 28.9٪ ٻار وزن جي لحاظ سان گهٽ آهن (underweight). مائڪرو نيوٽرينٽ جي کوٽ، جهڙوڪ رت جي کوٽ (anemia) ۽ وٽامن A جي کوٽ، پڻ عورتن ۽ ٻارن ۾ وڏي پيماني تي موجود آهي. هي انگ اکر عالمي رجحانن سان مطابقت رکن ٿا ۽ غذائيت جي بهتري لاءِ گڏيل، معاشرتي بنيادن تي ٻڌل ڪوششن جي ضرورت کي اجاگر ڪن ٿا. جنهن لاءِ ضروري آهي ته اهڙي خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ ۽ واپرائڻ لاءِ ڪوششون ڪجن جيڪا خوراڪ صحت بخش هجي، آسانيءَ سان اپائي سگهجي ۽ هرهنڌ هرماڻهوءَ جي پهچ لائق بڻائي سگهجي. ان سلسلي ۾ مون پاران تقريبن 15 سالن جي تحقيق جي نتيجي ۾ ايجاد ڪيل “ پنج رنگي صحت بخش زراعت” حڪمت عملي مڪمل حل پيش ڪري ٿي. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين هر سطح تي اها سوچ بدلائڻ جي ضرورت آهي.عام طور تي چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ خوراڪ جي ڪميءَ جي نتيجي ۾ ماڻهن خاص طور تي ٻارڙن ۽ عورتن ۾ ميل نيوٽرين يعني ٻارڙن جو عمر جي لحاظ کان قد نه وڌڻ ، جسم جو ماس نه وڌڻ ۽ عورتن ۽ ٻارن ۾ رت جي ڪمي ٿيڻ جهڙيون تڪليفون ٿين ٿيون ۽ اهي جڏهن گهڻيون وڌي وڃن ٿيون تڏهن انهن ٻارڙن ۽ عورتن جا موت به ٿين ٿا ، جنهن جو هڪڙو مثال اسان وٽ ٿر جو علائقو آهي جتي مختلف وقتن تي خوراڪ جي کوٽ جي نتيجي ۾ ٻارڙن جي موت جا اطلاع ايندا رهيا آهن.
پر مون جڏهن هڪ زرعي ماهر جي حيثيت ۾ 2010 ۾ هن موضوع تي تحقيقي ڪم شروع ڪيو ته مون کي لڳو ته هي مسئلو خوراڪ جي ڪميءَ جو ناهي بلڪ هي صحت بخش خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو آهي ۽ وڌيڪ تحقيق مان پتو پيو ته خوراڪ جو پورائو يعني ٽي وقت پيٽ ڀري کائڻ صحت جي ضمانت نٿو ڏئي بلڪ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ ئي صحت بخشيءَ جي ضمانت آهي. اڃان به وڌيڪ تحقيق مان معلوم ٿيو ته عام طور تي صحت بخش ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ ان کي سمجهيو ٿو وڃي جنهن ۾ گوشت مڇي ۽ خاص قسم جا مهانگا ميوو ا وغيره اچي ٿا وڃن، جيڪي عام ماڻهن غريب غربن لاءِ هر وقت واپرائڻ ممڪن ناهن . ائين منهنجي ان ڪم ۾ اڃان به دلچسپي وڌي ۽ مون سڄي سنڌ ۾ وڃي ماڻهن سان ملي معلومات ڪٺي ڪئي، سائنسي لٽريچر کي وڌيڪ کنگهاليو ته پتو پيو ته قدرت انسان لاءِ ڌرتيءَ تي صحت بخش غذا پنهنجن رنگن ۾ خلقي آهي ، جيڪا شروع کان وٺي واپرائڻ سان ماڻهو صحتمند رهي سگهي ٿو. اهڙي خوراڪ زرعي پاليسين ۾ ٿوري تبديلي آڻڻ سان هر انسان غريب امير کي آسانيءَ سان ميسر ٿي سگهي ٿي. ان لءِ ٿوري سوچ بدلائڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اها پنج رنگي صحت بخش خوراڪ ڇا آهي؟ اچو ته ان جو جائزو وٺون . هن پنجن رنگن جي خوراڪ جي هر رنگ جي خوراڪ ۾ اناج، ڀاڄيون. داليون. ميووا وغيره اچي وڃن ٿا. جن مان هر رنگ جي خوراڪ جي مخصوص طبي ۽ صحت بخشيءَ واري افاديت آهي ۽ انهن رنگن ۾ موجود هر قسم جي خوراڪ جي غذائي ۽ طبي افاديت گوشت مڇيءَ جهڙي ٿئي ٿي. ان پنج رنگي صحت بخش خوراڪ کي قدرت ڪجهه هن ريت خلقيو ۽ ترتيب ڏنو آهي، جنهن کي ڳولهي مان اوهان جي سامهون رکان ٿو:
- ڳاڙهي/ناسي رنگ جي خوراڪ (Red/Brown) – جهڙوڪ؛ ٻير، پتايون گجرون، مسور جي دال، جوئر، ٽماٽا، ڪتل، مرچ وغيره . هيءَ خوراڪ ٻين گهڻن فائدن سان گڏ هڪ خاص فائدو اهو ٿي ڏئي ته دل کي صحت مند رکي ٿي ۽ صحت دل جسم کي مڪمل صحتمندي بخشڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
- سائي رنگ جي خوراڪ (Green) – جهڙوڪ؛ سايون ڀاڄيون، زيتون، ٻاجهري، بروڪلي (سائي گوبي)، مڱن جي دال وغيره: هيءَ خوراڪ ٻين گهڻن فائدن سان گڏ هڪ خاص فائدو اهو ٿي ڏئي ته جسم مان زهريلا مادا خارج ٿي ڪري جنهن جي نتيجي ۾ جسم صحتمند ٿو رهي رت بهتر ٿو ٺهي ۽ ان جي رسد به جسم کي گهرج مطابق ٿي ملي.
- ڦڪي يا پيلي يا نارنگي رنگي جي خوراڪ (Yellow/Orange) – جهڙوڪ؛ پيٺو، انب، نارنگيون، چڻا وغيره جيڪا انساني خوبصورتيءَ کي وڌائي ٿي، ڪينسر کان بچاءُ ڏئي ٿي ۽ هاضمي کي بهتر بڻائي ٿي.
- اڇي رنگ جي خوراڪ (White) – جهڙوڪ؛ گوبي، موري، کنڀي، توت، لاهوري گجر، رانهان، بصر وغيره واپرائڻ سان جسم جي قوت مدافعت وڌي ٿي ۽ ماڻهو گهڻو ڪري بيمارين کان بچيل رهي ٿو جنهن جو وڏو مثال ڪووڊ جو مرض آهي جنهن ۾ ڊاڪٽرن ماڻهن کي اهو پئي ٻڌايو ته هن بيماريءَ مان انهن ماڻهن جو وڌيڪ بچاءُ ٿي سگهندو جن جي قوت مدافعت وڌيڪ آهي .
- واڱڻائي/نيري رنگ جي خوراڪ (Purple/Blue) – جهڙوڪ ؛ واڱڻ، ڄمون، ڦاروا وغيره دماغي صلاحيت کي وڌائي ٿي، يادگيري، ۽ ذهني صحت کي سڌاري ٿي ۽ عمر دراز ٿئي ٿي
هاڻ هيءَ پنجن رنگن جي صحت بخش خوراڪ اسان اوهان جي آس پاس موجود آهي، صرف ان کي رنگن جي بنياد تي ڳولهڻو آهي ۽ واپرائڻ سان گڏ پوکڻو به آهي. جينئن مثال طور عام طور تي سمجهيو ويندو آهي ته صوف صحت بخش آهي پر اهو سنڌ ۾ نٿو ٿئي ته اهو مارڪيٽ ۾ مهانگو ٿو ملي ۽ هر ماڻهوءَ جي پهچ کان پري آهي ته ان جي جاءِ تي ان جي نعمل بدل طور قدرت سنڌ جي ماڻهن لاءِ ٻير خلقيا آهن، جيڪي اسان وٽ هر هنڌ ٿين ٿا ۽ انهن جي غذائيت صوفن جهڙي ئي آهي، جن کي غريبن جو صوف به چئبو آهي، جيڪي ڳاڙهي رنگ جا هئڻ ڪري دل کي صحتمند رکڻ سان گڏ ڪئين ٻيا طبي فائدا ڏين ٿا. اهڙي طرح هر رنگ جا ميووا ڀاڄيون. داليون . اناج وغيره هر ماڻهوءَ جي وس ۾ ٿي سگهن ٿا صرف ٿوري سوچ بدلائڻ ۽ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون جڏهن انهن پنجن رنگن جي پيداوار جي باري ۾ پنهنجي آبادگارن ۽ عام ماڻهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پتو پيو ته انهن پنجن ئي رنگن جي خوراڪ هر وقت اسان اپائڻ طرف ڌيان نٿا ڏيون، جنهن جي ڪري اها خوراڪ موجود نه هئڻ ڪري به نٿي واپرائجي مثال طور تازين ڀاڄين ۾ گهڻو ڪري سائي رنگ جون ڀاڄيون وڌيڪ ملن ٿيون پر پيلي رنگ جي سائي ڀاڄي گهڻو ڪري اپائي ئي نٿي وڃي ان ڪري واپرائڻ جي نوبت ئي نٿي اچي ، جڏهن ته قدرت اسان لاءِ پيلي رنگ ۾ پيٺي جي شڪل ۾ زبردست ڀاڄي خلقي آهي ، جيڪا نه صرف ڀاڄي پچائڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي بلڪ ان مان حلوه وغيره به هر عمر جي ماڻهن جي غذا لاءِ تيار ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه پنجن رنگن جي ميوون جا وڻ هر هنڌ گهرن ، اوطاقن، رستن، اسڪولن، اسپتالن ، زمينن تي پوکي زبردست غذائيت سان ڀرپور ميوو ۽ ڇانو حاصل ڪري سگهي ٿي پر منهنجي ورتل جائزن موجب ائين اڪثر ڪري سنڌ ۾ ناهي ٿي رهيو جيڪا نهايت ئي فڪرمنديءَ جي ڳالهه آهي جو جيڪا شيءِ آسانيءَ سان اپائي ۽ واپرائي سگهجي ٿي سان اسان ناهيون ڪري رهيا.
اهڙي معلومات ڪٺي ٿيڻ کان پوءِ مون کي اندازو ٿيو ته صحت بخش خوراڪ جي پوکيءَ جو پنجن رنگن جي بنياد تي هڪ نئون نظام تحقيق ذريعي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ مون ان تي تحقيقي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جيڪا تحقيق مون عام آبادگارن جي زمينن تي وڃي ڪئي ۽ پنجن رنگن جي بنياد تي مختلف پوکيءَ جا نمونا آزمايا ۽ 2016 ۾ وڃي هڪ نئون پنج رنگي زراعت جو نمونو ايجاد ڪري عام ماڻهن ۾ ان جي آزمائڻ جي تشريح ڪرڻ سان گڏ تربيت ڏيڻ ۽ نمائشي پلاٽ لڳائڻ شروع ڪيا . هي ماڊل 2017 ۾ سنڌ سرڪار پاران ورلڊ بينڪ جي تعاون سان شروع ٿيل پروجيڪٽ ۾ پنج رنگي زراعت طور شامل ڪيو ويو ته جينئن عام ماڻهن ۽ آبادگارن کي ان سوچ کي اپنائڻ لاءِ راضي ڪري صحت بخش غذا جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ۽ ماڻهو صحت مند ٿي سگهن. پنج رنگي صحت بخش زراعت کي مقامي ۽ عالمي سطح تي پذيرائي ملي آهي . پر ان کي مستقل بنيادن تي سنڌ اندر پاليسي طور لاڳو ڪيو وڃي ته نه صرف صحت بخش غذا جون پنهنجون گهرجون پوريون ٿينديون بلڪ آباگارن جي هن نئين طريقي سان پوکي ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيداوار ۽ آمدنيءَ ۾ زبردست اضافو ٿيندو.