اچو ته پرامن جدوجهد ڪندڙ سنڌ کي تشدد ڏانهن ڌڪڻ جي سازش کي ناڪام بڻايون

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن کان سنڌوءَ مٿان ڇهن ڪئنالن واري منصوبي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ يادگار  ”پرامن تحريڪ“ ڪاميابيءَ تي رسي آهي جنهن کي ڏسندي سڄي دنيا خوشگوار حيرت ۾ پئجي وئي آهي ته ان تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ سازش تحت پرامن جدوجهد ڪندڙ سنڌ کي تشدد ۽ وڳوڙن ڏانهن ڌڪڻ جي سازش شروع ٿي وئي آهي. ڪئنالن مخالف تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن توڙي ڌرڻي ۾ ويٺلن جي مدد ڪندڙ خدمت گارن خلاف ڪيس ٺاهڻ جو سلسلو  شروع ٿيو ته جيئن سنڌ جو عوام اشتعال ۾ اچي ۽ قانون هٿ ۾ کڻي ته جيئن سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ سولائي ٿي وڃي. ان حوالي سان ڪافي ننڍيون وڏيون ڪارروايون ڪيون ويون. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي سينئر اديب تاج جويي جي گهر تي دهشت گردن وانگر ڪيل پوليس ڪارروائي، تاج جويي جي ٻن پٽن کي گرفتار ڪرڻ ان سلسلي جي ڪڙي هئي ته جيئن سنڌ جو سڄاڻ حلقو روڊن تي نڪري اچي ته مٿن ڪٽڪو ڪڍي ڪئنالن مخالف تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جو بدلو وٺي سگهجي. اهڙي ڪوشش جو نيٺ هڪ خوف ناڪ نماءُ  ٽيون ڏينهن مورو ۾ ڏسڻ ۾ آيو.

رپورٽون آهن ته مورو ۾ قومي شاهراهه تي هڪ قوم پرست جماعت پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف  ڪيل پرامن احتجاج کي پوليس هوائي فائرنگ ڪري منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، لٺ بازي ڪئي ۽ ڪيترن ئي مظاهرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري احتجاج ڪندڙن کي وڳوڙ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جو مشتعل هجوم پوءِ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شاهراهه کي بلاڪ  ڪري ڇڏيو ۽ ايئن پوءِ ان مڇريل هجوم جون پوليس سان چڪريون شروع ٿيو ويون. پوليس فائرنگ ۾ هڪ نوجوان شهيد ٿي ويو ۽ پوءِ اهو ئي ٿيو جيڪو سنڌ دشمن ڌرين کي ڪرڻو هو. حالتون وڳوڙي ٿي ويون، گاڏين، ٽينڪرن کي باهيون ڏنيون ويون، گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر تي پڻ حملو ڪيو ويو جنهن بابت سواليه ۽ مشڪوڪ رپورٽون ملي رهيون آهن ته اهو حملو مظاهرين نه ڪيو آهي.

ڪئنالن مخالف تحريڪ ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي هيري ڪراچي بار ايسوسيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته مورو ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ وارن تي رياستي تشدد ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ مورو جون حالتون خراب ٿيون. جڏهن ته جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي چيو آهي ته موري ۾ احتجاج تي پوليس تشدد ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان زاهد لغاري جي قتل ٿيڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا. ايئن سنڌ ۾ سڀ ڌريون موري واري واقعي جي مذمت ڪري رهيون آهن.

سو سنڌ ۾ عام تاثر اهو آهي ته پوليس هٿان ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي جنهن کان سنڌ جي عوام کي نه رڳو خبردار رهڻو آهي پر اهڙين سازشن کي ناڪام  به ڪرڻو آهي. هونئن ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي تاريخي طور سنڌين جي  عدم تشدد واري قومي ۽ ثقافتي مزاج جي چڱي ريت پروڙ آهي، ته سنڌين جي طاقت جو سڀ کان وڏو هٿيار عدم تشدد وارو ئي فلسفو آهي جنهن سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ڏهه هزار ورهين کان زندهه رکيو آهي. سنڌي قوم جي وڙهڻ ۽ پنهنجي وجود کي بچائڻ جو راز عدم تشدد  وارو لاڙو آهي. سو سڄي دنيا کي  خبر آهي ته سنڌي قوم ڪڏهن به وڳوڙي ۽ هٿياربند جدوجهد جو قائل ناهي رهي. هيءَ قوم جيئن ته دنيا جي عظيم تهذيب مهين جي دڙي جي خالق رهي آهي تنهن ڪري اها هر دور ۾ مهذب رهي آهي. سنڌ کي جيڪڏهن ڪنهن خراب به ڪيو آهي ته اهي ڌاريا ۽ قابض آهن جيڪڏهن انهن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ سنڌي قوم هجي ته سنڌ جيڪر هاڻي به مهين جي دڙي واري تهذيب جو مظهر هجي پر افسوس ته ڌارين جي آبادڪاريءَ ۽ حڪومتن جي غلط پاليسين سنڌ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.

مورو واقعي کي به اسان هٿ سان ڪرايل هڪ واقعو سمجهون ٿا. ڪئنال مخالف تحريڪ ۾ به اسان ڏٺو ته ڪٿي جيڪڏهن ڪا وڳوڙي صورتحال پيدا ٿي ته اها پوليس جي روايتي ڪاررواين سبب ٿي. پوليس جو ڪم اصولي طور  تي امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ هوندو آهي پر اڪثر ڏٺو اهو ويو آهي ته اها پاڻ فائرنگ، لٺ بازي، شيلنگ وغيره ڪري حالتون پاڻ خراب ڪندي آهي. موري وارو احتجاج به پرامن هو جنهن ۾ پوليس ئي ڄنگهه اڙائي، هجوم کي مشتعل ڪري کين وڳوڙ ڪرڻ تي مجبور ڪيو. خاص طور تي  هڪ نوجوان ماري ۽ ڪيترن کي زخمي ڪري ان ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ڪيو جنهن جي سڀ ڪو مذمت ئي ڪري ٿو. ٻيو ته ڇڏيو پر مظاهرين جڏهن پوليس هٿان قتل ٿيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو ڏنو ته ان مٿان به پوليس شيلنگ ڪرڻ کان نه مڙي.

 اسان وٽ غير جانبدار جاچ جو جيئن ته تصور ئي ناهي نه ته مورو واري احتجاج ۽ گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر تي حملي جو ماسٽر مائينڊ ۽ اصل ذميوار بي نقاب نٿو ڪري سگهجي  پر پاڻ کي، سنڌي قوم کي پڪ آهي ته احتجاج جو هي وڳوڙي انداز ڪنهن ريت به سنڌي قوم جو ناهي. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پرامن جدوجهد ڪندڙ سنڌ کي تشدد ڏانهن ڌڪڻ جي سازش کي نه رڳو سمجهون پر ان کي ناڪام به بڻايون. ڇاڪاڻ ته مورو واقعي جي آڙ ۾ سنڌ جون حالتون وڌيڪ خراب ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.