مهر ڳڙهه جي وارث: ڪشش بلوچ

تحرير: ڊاڪٽر توصيف احمد

جڏهن به بلوچستان جو ذڪر ايندو آهي ته ذهن ۾ پسماندگي، شورش، محروميون ۽ گم ٿيل ماڻهن جا منظر اڀرن ٿا، پر ان اونداهي ۾ هڪ اميد جو ڏيئو ’’ڪشش بلوچ‘‘ جي نالي سان روشن ٿيو آهي، جيڪو نه فقط رخشان ڊويزن، پر سڄي بلوچستان جي نياڻين لاءِ حوصلي جي علامت بڻجي چڪو آهي.نوشڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ 25 ورهين جي هندو نياڻي ڪشش بلوچ، صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن (P.S.C) جو امتحان پاس ڪري، هڪ نئون تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هوءَ رخشان ڊويزن مان پهرين عورت اسسٽنٽ ڪمشنر بڻجي وئي آهي، جيڪا ڪاميابي فقط ذاتي نه، پر ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جيڪڏهن بلوچستان جي نوجوانن، خاص طور تي نياڻين کي موقعا ڏنا وڃن ته هوءَ به ملڪ جي اعليٰ ادارن تائين پهچي سگهن ٿيون.

ڪشش بلوچ پنهنجي شروعاتي تعليم نوشڪي مان حاصل ڪئي، ۽ پوءِ بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا مان سماجيات ۽ سياسي سائنس ۾ ماسٽرز ڪيو. علم جي اڃ کيس وقت کان اڳ ئي مقابلي جي امتحان لاءِ تياري طرف راغب ڪيو.اهو ئي نظم، همت ۽ بصيرت کيس انهيءَ مقام تي آندو، جتي هوءَ اڄ بيٺل آهي. سندس چوڻ آهي ته سول سروس ۾ شامل ٿيڻ صرف ڪاميابي نه، پر هڪ خواب جي ساڀيان آهي. سندس خواهش آهي ته هوءَ هن پليٽفارم تان پنهنجي صوبي ۽ ماڻهن جي خدمت ڪري، خاص طور تي انهن نوجوانن لاءِ، جيڪي وسيلن جي کوٽ يا سماجي رنڊڪن سبب پوئتي رهجي وڃن ٿا.ڪشش بلوچ جو چوڻ آهي ته سول سروس ۾ شامل ٿيڻ رڳو هڪ وڏو اعزاز ناهي، پر هڪ وڏي ذميواري پڻ آهي. سندس نظر ۾ سول سروس رڳو نوڪري نه، پر عوام جي خدمت جو مقدس ذريعو آهي. هوءَ چاهي ٿي ته اهڙي نظام جو چهرو بڻجي، جيڪو اقليتن، عورتن ۽ پسماندن طبقي جي آواز بڻجي.سندس هيءَ ڪاميابي انهن سڀني والدين لاءِ پڻ هڪ پيغام آهي، جيڪي اڄ به پنهنجي نياڻين کي تعليم کان محروم رکن ٿا. ڪشش بلوچ اڄ ان منزل تي پهتي آهي، ڇو ته سندس والدين مٿس يقين ڪيو، کيس تعليم ڏني، خواب ڏسڻ ڏنا ۽ انهن خوابن جي تڪميل لاءِ راهون هموار ڪيون.

بلوچستان جي معاملن جي سينيئر صحافي عزيز سنگهار لکي ٿو ته اڄ جڏهن بلوچستان مختلف بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تڏهن ڪشش بلوچ جهڙيون شخصيتون اميد جو نشان آهن.

بلوچستان کي وڌيڪ ڪشش بلوچ جهڙن باهمت نوجوانن جي ضرورت آهي ۽ ائين تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن اسان تعليم، برابري ۽ موقعي کي هر شهري جو بنيادي حق مڃنداسين.ڪشش بلوچ جي ڪاميابي فقط هڪ تعليمي يا پيشورانه ڪاميابي نه آهي، پر هڪ تمدني علامت به آهي. سندس تعلق هندو مذهب سان آهي، جيڪو بلوچستان جي صدين پراڻي مذهبي رواداري، ثقافتي تنوع ۽ گڏجي رهڻ جي روايت جو زنده ثبوت آهي.

مهر ڳڙه جي قديم تهذيب کان اڄ تائين، بلوچستان جي ڌرتيءَ تي مختلف مذهبن، قومن ۽ ثقافتن گڏجي جيئڻ جو فن سکيو آهي. ڪشش بلوچ انهيءَ روايت جي هڪ تازو ۽ روشن مثال آهي.سندس ڪاميابي ياد ڏياريندي آهي ته جيڪڏهن بلوچستان جي نوجوانن کي وسيلن، تعليم ۽ اعتماد سان سگهارو ڪيو وڃي، ته هو نه رڳو صوبي، پر سڄي ملڪ ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سندس شخصيت مذهبي رواداري، تعليمي عظمت ۽ عوامي خدمت جو حسين ميل آهي.بلوچستان ۾ تعليمي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آهي، جيڪا صوبي جي مجموعي پسماندگي جو اهم سبب پڻ آهي. هتي شرحِ خواندگي رڳو 46 سيڪڙو آهي، جن مان 63 سيڪڙو مرد ۽ رڳو 26 سيڪڙو عورتون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. اهي انگ اکر پاڻ ئي ظاهر ڪن ٿا ته خاص طور تي نياڻين جي تعليم جي صورتحال تمام ڪمزور آهي.

هڪ رپورٽ موجب، بلوچستان جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 65 سيڪڙو نياڻيون اهڙيون آهن، جيڪي ڪڏهن به اسڪول نه ويون آهن. صوبي ۾ لڳ ڀڳ 36 لک ٻار آهن، جن مان رڳو 13 لک اسڪول وڃن ٿا، ۽ انهن مان به اڪثريت ڇوڪرن جي آهي. نياڻين لاءِ تعليمي ادارا رڳو ڪجهه ڏورانهين علائقن تائين محدود آهن، جڏهن ته صوبي ۾ رڳو هڪ درجن کن ڊگري ڪاليج آهن، ۽ 11 ضلعن ۾ ته ڇوڪرن لاءِ به ڊگري ڪاليج موجود نه آهن.بلوچستان ۾ 900 ’گھوسٽ اسڪول‘ آهن، جتي ڪنهن به قسم جي تعليمي سرگرمي ناهي. ان سان گڏ، ڊيڍ لک استادن جو رڪارڊ موجود ئي ناهي، ۽ ٽن لکن جي ويجهو شاگردن جو جعلي رڪارڊ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو تعليمي نظام ۾ ڪرپشن ۽ نااهلي جي سنگين مثال آهي.

صوبي جي 36 سيڪڙو اسڪولن ۾ صاف پاڻي جي سهولت ناهي، جڏهن ته 56 سيڪڙو اسڪول بجلي کان محروم آهن. تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي شديد اڻاٺ، شاگردن جي تعليمي واڌ ويجهه ۾ وڏي رنڊڪ بڻجي رهي آهي.صوبي جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون به بحرانن جو شڪار آهن. مثال طور، بولان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ گذريل ڇهن مهينن کان پڙهائي معطل آهي. ان کانسواءِ، گهڻن ادارن ۾ فيسن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته هاسٽلن جي کوٽ به شاگردن لاءِ وڏو مسئلو آهي.

بلوچستان جي نئين نسل جي مستقبل لاءِ تعليم جو بحران هڪ الارم آهي، جنهن جي تڪڙي حل لاءِ سرڪاري توجّه، ايمانداري ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ضروري آهي.عزيز سنگهار وڌيڪ لکي ٿو ته جيڪڏهن بلوچستان جي سياسي تاريخ تي تنقيدي نظر وجهي وڃي ته اها حقيقت واضح ٿئي ٿي ته سردار ۽ نواب طبقي هميشه ڪنهن نه ڪنهن سامراجي طاقت جا هٿيار بڻيل رهيا آهن. برطانوي دور ۾ به انهن ئي سردارن انگريزن جي وفاداري جو قسم کنيو، وڏيون مراعات حاصل ڪيون ۽ بلوچ عوام کي غلاميءَ ۾ رکيو.

اڄ به اهو ئي طبقو بلوچستان جي اقتدار تي قابض آهي. جيڪڏهن صرف هن صدي جي سياسي تحريڪن جو جائزو ورتو وڃي ته اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته بلوچستان جي سياسي جدوجهد هڪ انقلابي ۽ عوامي تحريڪ جي صورت ۾ اڀري آهي، جنهن ۾ نوجوانن، خاص طور نياڻين، جي ڀرپور شرڪت آهي. ان تحريڪ جي سڀ کان اهم خوبي ان جو نظرياتي ڍانچو آهي.اهو نظرياتي ڍانچو ڪارل مارڪس جي طبقاتي نظريي تي ٻڌل آهي، جنهن بلوچ سماج ۾ صديون پراڻي سرداري نظام کي للڪاريو ۽ مظلوم طبقي کي سياسي شعور ڏنو. مارڪسزم بلوچ نوجوانن کي طبقاتي سڃاڻپ ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي تحريڪ جي اڳواڻي اشرافيه بدران وچولي ۽ هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪنن جي هٿ ۾ اچي چڪي آهي.

اسلام آباد جي آئين ساز ادارن ۾ ويهندڙن لاءِ هاڻ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته هو بلوچستان جي سماج جي نون حقيقتن کي سمجهن. هاڻ نوجوان قيادت، خاص طور عورتن جي اڳواڻيءَ ۾ اڀري رهي آهي. انهن سان سنجيده ڳالهيون ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻ ضروري آهي.بلوچستان جي نوجوانن وٽ قابليت ۽ صلاحيت جي ڪا گهٽتائي ناهي. پر ان قابليت مان فائدو وٺڻ لاءِ نوآباديتي سوچ کي دفن ڪرڻو پوندو. بلوچستان جو مستقبل، ان جي باشعور، نظرئي سان سجيل ۽ پراعتماد نوجوان قيادت جي هٿن ۾ آهي ــ ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ ئي سڀ کان وڏو سياسي شعور ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.