سنڌ جي ڌرتيءَ تي هلندڙ پرامن جدوجهد، جيڪا پنهنجي درياهن، وسيلن ۽ سڃاڻپ لاءِ هلي رهي آهي، ان کي پرتشدد رخ ڏيڻ جي جيڪا رٿابندي ڪئي وئي، ان جو واضح مثال مورو جي باھ، گوليون، رت ۽ رُڃ ۾ تبديل ٿيل احتجاجي ڪيمپ آهي. سنڌ جي باشعور عوام گذريل اٺن مھينن کان پنهنجن حقن لاءِ پرامن ڌرڻا، احتجاج ۽ ريليون ڪيون آهن. نه ڪنهن تي هٿ کنيو نه ڪنهن کي ڪو نقصان پھچايو، رڳو سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي. پر مورو واري واقعي ان سموري روايت، ان اخلاقي جدوجهد ۽ ان سڃاڻپ واري تحريڪ کي بدنام ڪرڻ جي هڪ ناپاڪ ڪوشش هئي. حڪومت جي دعويٰ ته ڌرڻو پرامن نه رهيو، ڏاڍي بي شرمي سان پيش ڪئي وئي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڌرڻو ان وقت تائين پرامن رهيو، جيستائين حڪومت جون بندوقون، سازشون ۽ بااختيار پر بي ضمير ماڻهو ان احتجاج کي ٽوڙڻ لاءِ ميدان تي نه آيا. ھتي ڪجهه سوال جنم وٺي رھيا آھن ته پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف گوليون ڇو ۽ ڪنھن جي حڪم سان هلايون ويون ۽ اها پرتشدد شڪل ڪنهن ڏني؟ ڌرڻو ته لنجار هائوس کان چار ڪلوميٽر پري هو، ته پوءِ اهو شور، اها آتشزني، اهي چڙهايون ڪنهن جي سرپرستيءَ ۾ ٿيون؟
ان سڄي ناٽڪ جو مقصد واضح هو: پرامن سياسي ڪارڪنن کي بدنام ڪيو وڃي، سنڌ جي عوام ۾ ڀڃ ڊاهه پيدا ڪئي وڃي ۽ ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زمينن جي ڦر تي ٿيندڙ تحريڪ کي بدنام ڪري، ان جو اخلاقي بنياد ختم ڪيو وڃي. پر اهي وساري ويٺا ته سنڌ جي مزاحمت جو بنياد رت ڏيڻ تي آهي خوف تي نه، اهو وساريو ويو ته سنڌي جو وجود، ساڃاهه ۽ بيداري گولين سان دفن نٿي ٿي سگهي. زاھد لغاريءَ جو لاش فقط هڪ نوجوان جو لاش نه پر اهو سندن ڏکاري ۽ لُٽيل ڌرتيءَ جي احتجاجي للڪار هو. مورو جي مٽي تي وهايل انھيءَ رت سنڌ جي ڌرتيءَ کي وري هڪ ڀيرو ياد ڏياريو ته قرباني کانسواءِ واعدن جا محل ريت جي ديوار وانگر ڊهي پوندا آهن. ڇا اهو رت صرف ان لاءِ وهايو ويو جو سنڌ جا سپوت پنهنجي حصي جو پاڻي واپس گهرڻ لاءِ نڪتا هئا؟ ڇا پرامن ڌرڻو ڪرڻ، رياستي دهشتگرديءَ جو جواب آهي؟ زاھد لغاريءَ جي شهادت، باقي زخمين جي تڙپڻ ان سڄي سازش کي نروار ڪري ڇڏيو. جڏهن رياست جي گولين سان سنڌ جي سپوتن جا لاش پيا، تڏهن اها رياست ۽ حڪمران ڌر پاڻ ئي وائکي ٿي وئي ۽ ماڻهن کي سوال پڇڻ تي مجبور ڪيو ته گھرو وزير زيا حسن لنجار جي گھر ٻاھران چوويهه ڪلاڪ بيٺل پوليس ڪيئن خاموش رهي؟ ھن جو هٿياربند عملو/سڪيورٽي گارڊ ڪٿي ھئا ؟ مظاھرين ڇو ۽ ڪيئن گهڙي آيا؟ ڇو باھ لڳائي وئي؟ ڇا اها حڪومتي نااهلي هئي يا حڪومتي حڪمت عملي؟ اتي ظاهر ٿيو ته حڪومت جي سڄاڻ پاليسين جي اوٽ ۾ قوم کي دٻائڻ، کين ڌارين ۽ ڪارپوريٽ منصوبن لاءِ قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ واري رٿابنديءَ جو نالو ئي "وفاق” آهي. ضياءَ حسن لنجار جي بنگلي کي لڳايل باھ ته هڪ ڊرامو لڳو پر ان باھ جي آڙ ۾ جيڪا باھ زاھد لغاريءَ جي سيني تي وسائي وئي ان جو حساب ڪير ڏيندو؟
تاريخ اهو لکندي ته جڏهن سنڌ جون ڌريون پاڻي لاءِ ڌرڻا ڏئي رهيون هيون، تڏهن سنڌ جي ئي ڌرتيءَ تان چونڊيل وزيرن جي رهنمائيءَ هيٺ پوليس نوجوانن جي جسمن تي بندوقون خالي ڪري رھي ھئي. انهن ئي ماڻهن جي پاليسين سبب احتجاج ڪندڙن کي گمراھ، غدار ۽ شرپسند سڏيو ويو. پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو نوجوان پنهنجن وسيلن لاءِ، پنھنجي پاڻي، وجود ۽ بنيادي حقن لاءِ روڊ تي ويهي ته ان جي گوليءَ سان آجيان ڪرڻ ڪهڙي جمهوريت آهي؟ اها فقط بربريت نه هئي، اها سنڌ سان غداري هئي. اها فائرنگ فقط ماڻهن تي نه پر سنڌ جي قومي غيرت تي ڪئي وئي ۽ اها خاموشي جيڪا اڄ ايوانن ۾ گونجي رهي آهي، اها مستقبل ۾ نئين طوفانن کي جنم ڏيندي. ڇو ته جڏهن قومون پنهنجن شهيدن جي بيحرمتي برداشت نه ٿيون ڪن، تڏهن اهي نئون ايوان، نئون عدل، نئين انقلاب جو بنياد رکنديون آهن. سنڌ جو تاريخي شعور، انقلابي لاڙو ۽ ڌرتي سان پيار انهن واقعن کان خوفزده نه ٿو ٿئي. مورو جي باھ، شهيدن جي رت ۽ ڌرتيءَ جي صدائن جي گونج اڄ به ان انقلاب جي نويد ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ نه ڪو وزير محفوظ رهندو نه ڪو غدار بچندو. اهي ڏينهن ويجها آهن، جڏهن سنڌ جا نوجوان پنهنجي رت سان لکندا "نه درياهه ڇڏينداسين، نه ڌرتي، نه حق”. سنڌ جا نوجوان اڄ اهو چئي رهيا آهن ته پرامن جدوجهد کي پرتشدد بنائڻ جي سازش فقط رڳو احتجاج کي ختم ڪرڻ لاءِ نه پر ان انقلابي سوچ کي دٻائڻ لاءِ آهي، جيڪا سنڌ جي گلي گلي ۾ جنم وٺي رهي آهي. پر اهي نه ٿا ڄاڻن ته مزاحمت جو جنم تشدد ۽ مار سان نه پر نئين جنون سان ٿئي ٿو ۽ مورو جو واقعو سنڌ جي قومي شعور کي سوچڻ ۽ پرکڻ لاءِ هڪ موقعو فراھم ڪري ٿو، جيڪو هاڻ صرف ڌرڻن تائين محدود نه رهندو، هي جدوجهد هاڻ رڳو درياهن لاءِ نه پر ڌرتيءَ جي عزت لاءِ، پنهنجي وجود جي بقا لاءِ آهي.
هي رڳو احتجاج ناھي، هي سنڌ جي تاريخ جي نئين سطر جي شروعات آھي، جتي حڪمرانن جي بي حسي، بي شرمي ۽ استحصالي پاليسين خلاف هڪ نئين جدوجهد جنم ورتو آهي. ۽ اها جدوجهد ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين سنڌ جا وسيلن تي ڌارين جو قبضو ختم نه ٿئي، جيستائين انڌي رياست جي بندوقون پرامن ماڻهن جي ساهن تي تانگھه نه مٽائين ۽ جيستائين شهيد زاھد لغاريءَ جي رت جو قرض ادا نه ٿئي، اها سازش ته سنڌ کي ڊيڄارڻ لاءِ هئي، پر ان مان نڪتل نتيجو حڪمرانن جي اميدن جي ابتڙ ٿيندو، سنڌ وڌيڪ بيدار ٿيندي، وڌيڪ متحد ٿيندي هاڻ هي ڌرتي اُن سازش کي نه رڳو سمجهي چڪي آهي، پر اُن جو جواب به ڀرپور انداز سان ڏيندي.