گهوٽڪي ضلعي جي اسپتالن مان اڪثر ڊاڪٽر سالن کان ڊيوٽين تان غائب!

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ڪروڙن جي خرچ باوجود ضلعي گهوٽڪي جي اسپتالن جي حالت خراب ڪيترائي شعبا بند پيل، تعلقه اسپتال گهوٽڪي شيخ همدان اسپتال خانپور مهر ڏهرڪياوٻاوڙو ڊي اي ايڇ او اسپتال ميرپور ماٿيلو ۾ درجنين ڊاڪٽر ڊيوٽي چور هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، خبر موجب ساليانو ڪروڙين روپيا بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود ضلعي گهوٽڪي جي اسپتالن جي حالت نه سڌري، ماهر ڊاڪٽر نه هجڻ سبب ڪيترائي شعبا بند ٿي ويا آهن، ضلعي جي اسپتالن مان ڪيترائي ڊاڪٽر گوسڙو هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان سلسلي ۾ عوامي اواز کي مليل تفصيل موجب تعلقه اسپتال گهوٽڪي مان ڊاڪٽر سُمن، ڊاڪٽر زرينا، ڊاڪٽ فرحانا ناز، ڊاڪٽر امرتا، ڊاڪٽر پريا ٻائي، ڊاڪٽر سُهنيا، ڊاڪٽر برکا ۽ ڊاڪٽر روي ڪمار 2022 کان بغير ڪنهن اطلاع جي غائب آهن، ايم ايس ڊاڪٽر سروانند موجب غائب ڊاڪٽرن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن. اهڙي ريت خانڳڙه جي اسپتال مان ڊاڪٽر عبدالوهاب ملڪ، ڊاڪٽر راج، ڊاڪٽر هريش ۽ ڊاڪٽر سنيتا ديوان غائب آهن، جڏهن ته ڏهرڪي جي اسپتال مان ڊاڪٽر امبرين، ڊاڪٽر اعجاز ۽ ڊاڪٽر فرزانه ڀارو غائب آهن. ذريعن موجب ضلعي جي اسپتالن مان ڪيترائي ڊاڪٽر غائب آهن صرف منٿلي نه ڏيندڙ کي ظاهر ڪري سندن پگهار بند ڪئي وئي آهي، باقي سياسي سفارش ۽ ويزا تحت ڊيوٽي چور ڊاڪٽرن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ناهي ڏني ويندي، ان سلسلي ۾ موقف جاچڻ لاءِ عوامي آواز پاران ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رائو آفتاب سان رابطي جي ڪوشش جي ڪئي وئي پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.

ڊي ايڇ او آفيس جا ڪلارڪ  ڊاڪٽرن کي ويزا تي موڪلين ٿا: ذريعا

ميرپور ماٿيلو: ڊي ايڇ او آفيس جا ڪلارڪ  ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي ويزا تي موڪلين ٿا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي ايڇ او آفيس جا ڪلارڪ مختلف اسپتالن جي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي ويزا تي موڪلي ماهوار اوڳاڙي ڪن ٿا، اهڙي ريت رورل هيلٿ سينٽر جروار جو سمورو عملو گذريل ڪيترن ئي سالن کان غائب آهي، مليل ڄاڻ موجب ڄاڻايل ڪلارڪ هر نئين ايندڙ ڊي ايڇ او کي سسٽم ۾ آڻي پنهنجو نظام هلايون پيا اچن جنهن سبب سمورين اسپتالن ۾ سندن نيٽورڪ مضبوط ٿي چڪو آهي.

ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿيا، لاڳاپيل شعبا غير تجربيڪار ڊاڪٽر ۽ ٽيڪنيشن هلائڻ لڳا

ميرپور ماٿيلو: تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ آرٿو پيڊڪ، ڪارڊيو لوجسٽ، ريڊيو لاجسٽ، پيڊياٽريشن، آرٿوپيڊڪ، فزيشن ڊاڪٽر مقررنه ٿيا، لاڳاپيل شعبا غير تجربيڪار ڊاڪٽر ۽ ٽيڪنيشن هلائڻ لڳا، اسپتال جي عمارت جو تعميري ڪم به گذريل ڪيترن ئي سالن کان رولڙي جو شڪار بڻيل، عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر سروانند ٻڌايو ته تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ ڊائلاسز سينٽر هلي پيو، مريضن کي ماني کارايون ٿا، ڊاڪٽرن جي کوٽ بابت صحت کاتي جي اختيارين کي لکيو آهي، شعبا بند ناهن، ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هلائن پيا، اميد آهي ته ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ٿي ويندي.

اوٻاوڙو تعلقه اسپتال ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ، 7 جايون خالي

ميرپور ماٿيلو: اوٻاوڙو جي تعلقه اسپتال ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي شديد کوٽ آهي 18هين گريڊ جي ڊاڪٽرن جون 7 سيٽون خالي پيل آهن،  رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر ممتاز چنو ٻڌايو ته اسپتال ۾ ڊائلاسز جي سهولت ئي ناهي، دل جو شعبو، ڏندن جو شعبو، اکين جو شعبو، فزيشن جو شعبو، چمڙي جو شعبو، آرٿوپيڊڪ شعبو ماهر ڊاڪٽر نه هجڻ سبب بند آهن، هڪ ليڊي ڊاڪٽر آهي، کوٽ باوجود ڪوشش ڪري نظام هلايون پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.