لنڊن(م ڊ) برطانوي پارليامينٽ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جي مسئلي تي ايٽمي جنگ جو خدشو ظاهر ڪندي، ٻيهر سفارتي رابطا ۽ ڳالهين جي شروعات جي اپيل ڪئي آهي، انساني حقن بابت خدشن کي اجاگر ڪندي، برطانوي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها علائقي ۾ ڊگهي تڪرار جي حل لاءِ وڌيڪ فعال ۽ متوازن ڪردار ادا ڪري، برطانوي دارالعوام جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ قانون سازن آگسٽ 2019 کان پوءِ والاريل ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، رپورٽ ۾ فوجي موجودگي ۾ واڌ، شهري آزاديءَ تي پابندين، صحافتي آزاديءَ تي قدغنن ۽ بي سبب گرفتاريءَ جو حوالو ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته خطي ۾ جمهوري حقن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي.