حيدرآباد(م ڊ) سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي عهدي لاءِ ٽن اميدوارن جا نالا چونڊيا ويا آهن، جنهن ۾ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جووائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري پهرين، موجوده وقتي وائيس چانسلر خليل الرحمان کنڀاٽي ٻئي ۽ انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ سائنسز جو ڊائريڪٽر طارق رحيم سومرو ٽئين نمبر تي آهي، اهي ٽي نالا ڪليئرنس لاءِ انٽيليجنس ايجنسيز ڏانهن موڪليا ويندا، جنهن کان پوءِ وزيراعليٰ سنڌ انهن ٽنهي اميدوارن جا انٽرويو وٺي ڪنهن هڪ نالي جي منظوري ڏيندو.