حيدرآباد /کٽمنڊو (پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ، ڊيلٽا جي تباهي، سنڌو درياهه جي وجود کي خطرا ۽ غريب ملڪن کي غلام بڻائيندڙ عالمي ادارن جي قرضن جي ڪوڙڪي جي مسئلن تي نيپال جي شهر کٽمنڊو ۾ عالمي ڪانفرنس ٻئين ڏينهن به جاري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري جي ڪانفرنس ۾ شرڪت. ڪانفرنس ۾ ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جي نعرن جي گونج،عالمي ڪانفرنس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف قرارداد منظور، سنڌو درياهه جا وهڪرا روان دوران رکڻ جو مطالبو. سنڌياڻي تحريڪ جي مطالبي تي ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مطالبن جا پلي ڪارڊ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري چيو ته پاڪستان سرڪار ڊيمن ۽ ڪئنالن جو ڄار وڇائي انڊس ڊيلٽا کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. ڇهه نوان ڪئنال ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش آهن. هن چيو ته هڪڙي پاسي سنڌو درياهه جو قتلام ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌين کان پنهنجون زمينون ڦريون پيون وڃن.