نصيرآباد (رپورٽ: بشير احمد بروهي/م ڊ) پ پ اڳواڻ مير نادر مگسي واضح ڪيو ته سنڌوءَ جو پاڻي ڪنهن کي به نه ڏينداسين، نه ڪئنال ڏينداسين نه زمين. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تڪراري ڪئنالن تي ڪم جي خبرون غلط آهن، پنجاب ڀلي سئو ڪئنال ٺاهي، سنڌ جو پاڻي نه کڻي. سنڌ جون زمينون ڏيڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته زمين جي معاملي ۾ طاقتور ماڻهو شامل آهن، زمين ڏيڻ تي اسيمبلي اجلاس ۾ آواز اٿارينداسين. سنڌ جي زمين رڳو سنڌين جي آهي، هارين کان زمين ڦرڻ ناجائز آهي، اهڙي ڪنهن به زيادتي خلاف احتجاج ٿيندو. هن چيو ته هن چيو ته ٺٽو، ٿرپارڪر ۽ ريگستان واريون زمينون ڏنيون ويون آهن، جيڪي اڳ ئي آباد آهن، زمينون هارين کان ڦرڻ ناجائز آهي، احتجاج ٿيو ته متاثرن سان گڏ بيهنداسين. دوري دوران عورتن قتل جي واردات خلاف انصاف لاءِ احتجاج ڪيو، جنهن تي مير نادر مگسي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سان رابطو ڪري قاتلن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو.