ڪراچي (ارباب چانڊيو) سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، خاص طور تي عورت ميمبرن، اسيمبلي جي اندر سوئمنگ پول، جِم ۽ بيوٽي سيليون ٺاهڻ جو وڏو مطالبو ڪيو. هن مطالبي تي اسيمبلي جي مختلف ميمبرن ۽ وزيرن پنهنجا رايا به ڏنا. عورت ميمبرن جو چوڻ هو ته جيئن ٻاهر سماج ۾ هر ڪنهن کي خوبصورت، صحتمند ۽ نمايان رهڻ جو حق آهي، تيئن اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ به اهڙيون سهولتون هجڻ گهرجن. سندن خيال هو ته اسيمبلي جي اندر مردن ۽ عورتن ٻنهي لاءِ جدا جدا سوئمنگ پول، جِم ۽ بيوٽي سيليون هجڻ گهرجن، جتي ميمبر پنهنجي صحت ۽ شخصيت سنواري سگهن. عورتن جي ترقي واري وزير شاهنا شير علي مطالبن جي حمايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسپيڪر اجازت ڏئي ته اسيمبلي اندر اهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته هر انسان کي تفريح ۽ سنوارڻ جي سهولت ملڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن ميمبر درخواست ڏين ته اسيمبلي ۾ به بيوٽي سيليون ٺاهي سگهجن ٿيون. عورت ميمبرن واضع طور تي چيو ته اهي برابري جون حامي آهن ۽ جيئن مردن لاءِ اهڙيون سهولتون هونديون آهن، تيئن عورتن لاءِ به هجڻ گهرجن. سندن خيال آهي ته جِم، سوئمنگ پول ۽ بيوٽي سيليون عورتن جو بنيادي حق آهي، ۽ اسيمبلي ۾ اهڙيون سهولتون هجڻ گهرجن. ٻئي پاسي اسيمبلي جي اندر شايد ايتري جڳهه نه هجي جو سوئمنگ پول ٺهي سگهي، پر جِم ۽ بيوٽي سيليون ڪنڊن ڪڙڇن ۾ ٺهي سگهن ٿا. ايم پي هاسٽل جي تعمير ۾ سوئمنگ پول، جِم، بيوٽي سيلون ۽ ٻين سهولتن جي ڊيزائن شامل آهي، جتي ميمبرن کي اهي سهولتون ملي سگهن ٿيون. اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي بريفنگ ۾ به انهن سهولتن جو ذڪر ڪيو ويو هو.