ٻٻرلوءِ ڌرڻي مان واپسي تي کنڀيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم آريسر جو مارچ

ميرپوربٺورو/کورواهه(رپورٽ امتياز علي سومرو: رپورٽ:شاهجهان خاصخيلي) 24 ڏينهن اڳ ٻٻرلوءَ ڌرڻي مان واپسي ۾ کنڀي گم ڪيل شعيب چانگ، عامر چانگ، شعبان چانگ ۽ ٻين کنڀي گم ڪيلقومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم آريسر ۽ چانگ برادري طرفان کورواھ کان ميرپور بٺورو تائين 20 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪڍيو ويو. جسقم آريسر جي مرڪزي چئيرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل نوتڪاڻي،الطاف چانگ،غفور چانگ،وڪيو ميمڻ، هزار چانگ، صدام چانگ ،ميگھ چانگ، رحمان چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کورواھ شهر کان ميرپوربٺورو شهر تائين پنڌ مارچ ڪري ميرپوربٺورو جي مين اسٽاپ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي جسقم آريسر جي مرڪزي چئرمين اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته بناجواز قومي ڪارڪنن  عامر لطيف چانگ، شعبان ،چانگ، ۽ شعيب چانگ کي 26 ڏينهن اڳ  حيدرآباد ويجهو مين روڊ تان ادارن جي اهلڪارن پاران کنڀي گم ڪيو ويو جن کي اڃا تائين ڪٿي به ظاهر نٿو ڪيو وڃي جيڪا سراسر زيادتي ۽ ناانصافي ڪئي پئي وڃي هن چيو ته قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن خلاف سنڌ ڌرتيءَ لاءِ جدوجھد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ رڻ ٻاريو ويو آهي ليڪن سائين جي ايم سيد جا پيروڪار سنڌ خاطر ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا، هن چيو ته قومپرست تحريڪ سان لاڳاپيل قومي ڪارڪنن کي بناجواز کنڀي گم ڪرڻ ۽ انهن مٿان ذهني ۽ جسماني ٽارچر ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي جنهن جو عالمي قوتن کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي هن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيا ويندا. کورواھ ۾ عزيز اللّه چانگ،لطف چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چانگ برادري جي ماڻهن طرفان مارچ ۾ شريڪ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪري کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.