حيدرآباد: مارچ ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته 1991ع واري پاڻي ٺاھه سنڌ سان ناانصافي هئي، ارسا ۽ سي سي آءِ جھڙن پنجاب جي اڪثريت رکندڙ ادارن کي تسليم نٿا ڪريون ان ڪري هاڻ 1945ع پاڻي معاھدي تحت نئون پاڻي معاھدو ڪيو وڃي. رامسر معاھدي تحت سنڌو درياھه سميت سنڌ جي تاريخي ماڳن ڪارونجھر سميت کيرٿر ۽ ٻين تاريخي ماڳن جاين کي انساني حيثيت ڏئي ان تي سنڌ جي ماڻھن جي مالڪي جو حق تسليم ڪيو وڃي. ماحولياتي تباھي ڪاربان ۽ نائٽروجن گئسز جي استعمال ۽ ٻيلن جي واڍي سميت مٺي پاڻي جو سمنڊ ۾ نه وڃڻ ۽ ڪوئلي ڪڍڻ سان ٿي آھي، ان ڪري ڪروڙين سنڌ جي ماڻھن جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي آھي. ماحولياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائيمينٽ فنڊ سنڌ جي ماڻھن جي فلاح ۽ بھبود تي خرچ ڪيو وڃي. سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، گمشدگيون اقوام متحدا جي بنيادي قانون جي خلاف ورزي ۽ انساني حقن جي سنگين لتاڙ آهن. ان عمل کي سنڌ جي سياسي آواز کي ڪچلڻ جي سازش سمجهون ٿا. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين کي بحال ڪري شاگردن کي سياست کان پري ڪرڻ جون سازشون بند ڪيون وڃن.