وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪراچي جي دوري تي پهچندو

اسلام آباد/ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪراچي جو دورو ڪندو، جتي هو پاڪ بحريه جي جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪري خطاب ڪندو. دوري دوران آرمي چيف ۽ پاڪ فضائيه جو سربراهه به ساڻس گڏ هوندا، جڏهن ته بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف وزيراعظم جو استقبال ڪندو. وزيراعظم، آپريشن بنيان مرصوص دوران ڀارتي بحريه جي جارحاڻي ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪندو. ڪراچي قيام دوران وزيراعظم، گورنر ۽ وڏي وزير سان به ملاقاتون ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.