هر حڪومت کان ٻڌندا پيا اچون ته پاڪستان نازڪ دور مان گذري پيو۔ ڇا واقعي اهو سچ آهي؟ اڄ جڏهن پاڪستان جي هر صوبي هر ضلعي هر شهر ۽ هر اداري طرف نگاهه ڪيون ته انيڪ مسئلا سامهون اچن ٿا ان جو قصوروار ڪير آهي؟ ڪوبه حڪمران ان جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي۔ گذريل دور ۾ هر ايندڙ حڪمران، ويندڙ حڪمران تي ڏوهه ٿاڦي پنهنجا پاند آزاد ڪرائي ڇڏيندو هو پوءِ وري واري واري سان حڪمراني ڪرڻ لاءِ جمهوريت جو راڳ آلاپيو ويو.
جڏهن ٻئي وڏيون پارٽيون (پ پ ۽ ن ليگ) پاڻ ۾ ڳٺ ڇوڙ کانپوءِ ٿڪجي پيون ته پي۔ ٽي۔ آءِ کي وارو ڏنو ويو پر ان تي به ساڳيا الزام هڻي وقت کان اڳ گهر ڀيڙو ڪيو ويو ۽ وري ساڳين پارٽين پي ڊي ايم جي نالي تي حڪومت قائم ڪري ورتي آهي ۽ قوم کي ساڳيو ئي سبق پڙهايو پيو وڃي ته هن وقت ملڪ سنگين دور مان گذري رهيو آهي۔ جيڪڏهن تفصيلي جائزو وٺجي ته واقعي ملڪ نازڪ صورتحال گذري رهيو آهي.ڪڏهن دهشتگرديءَ جو مستقل مسئلو، ڪڏهن ججن جو مسئلو، ڪڏهن عمران خان جو معاملو،مٿان وري ٻه نمبري ضمني چونڊون، ڪڏهن آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران ته وري ڪڏهن طالباني افغاني پٺاڻن جا معاملا ملڪ کي نازڪ دور کي هٿي وٺرائي رهيا آهن۔ ٻئي پاسي وري حڪمرانن جي عياشين سبب ملڪ جون معاشي حالتون انتهائي خراب ٿي چڪيون آهن. سياسي عدم استحڪام انتشار پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو انتشار ڏينهون ڏينهن ضابطي کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. مهانگائي عوام جي حالت تمام خراب ڪري ڇڏي آهي. رپئي جي ساک وڏي حد تائين ڪري چڪي آهي. بدامني عروج تي آهي. ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ دهشتگردن ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن۔ جيڪي روزانو موقعو وٺي بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي سميت سڄي پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
هن وقت پاڪستان اندر اصلاح لاءِ تنقيد ڪرڻ به جرم بڻجي ويو آهي ۽ قانون ٺاهي سچ ڳالهائيندڙ جي زبان کي تالو لڳايو ويو آهي۔ دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ته حڪومت جي ڪوتاهين کي سڌارڻ لاءِ سزا مقرر ڪئي وڃي، يا ان اصلاحي عمل کي پسند نه ڪيو وڃي.ان عجيب صورتحال پاڪستان جي خودمختياري کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ملڪي حالتن جي خراب ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ نفسياتي مريضن جو تعداد پڻ وڌي رهيو آهي هڪ ماڻهو مشڪل سان زندهه رهي ٿو هو ايترو ته لاچار ٿي ويو جو خودڪشي ڪندي به دير نه ٿو ڪري۔ آخر غريب ماڻهو ڪاڏي وڃي. بجلي مهانگي، گيس مهانگي، کنڊ مهانگي گيهه مهانگو مطلب روزمره جي استعمال جي هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو گهر جو سودو ۽ ڀاڄي وغيره خريد ڪرڻ کان عاجز بڻجي ويا آهن وٽس علاج معالج لاءِ پئسا نه آهن.ڇوته دوائن جون قيمتون پڻ مسلسل وڌي رهيون آهن جنهنڪري عوام مهانگائي ۾ هر روز مرڻ کان وڌيڪ هڪ ڀيرو ئي مرڻ کي ترجيح ڏيئي ٿو۔ آخر ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه تي روئجي؟ حڪومت جي بيحسي تي روئجي يا بک ۽ بيروزگاري تي روئجي؟ پاڪستان جون حالتون ان حد تائين خراب ٿي چڪيون آهن جو نه ڏينهن جو سڪون ڪري ٿو سگهي ۽ نه رات جو آرام ٿو ڪري سگهي. جڏهن غربت وڌندي آهي ته مسئلا به وڌندا آهن ۽ ماڻهو ڏوهه ڪرڻ لڳندا آهن. چوريون ۽ ڌاڙا معمول بڻجي ويندا آهن. ادارن تان عوام جو اعتماد کڄي ويندو آهي ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳندو آهي علم بجاءَ جهالت وڌڻ لڳندي آهي۔ اهڙين سنگين حالتن ۾ ملڪ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو پيو وڃي۔ خبر ناهي اهو نازڪ ۽ سنگين دور جو مدو ڪڏهن ختم ٿيندو؟ سياستدانن جا پنهنجا مفاد وٺي مزا ماڻيندا پيا وتن پر عام ماڻهو ڏکن ۾ زندگي پيا گذارين۔ ان نازڪ وقت کان بچڻ لاءِ مخلص قيادت ۽ جدوجهد جي بيحد ضرورت آهي۔ ايئن مهانگائي، سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي حالتن سميت سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا پر ان لاءِ پوري قوم کي جاڳائڻو پوندو. دهشتگردي، مهانگائي، سياسي عدم استحڪام ۽ سمورن مسئلن جو مضبوطيءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو. فيصلي واري جنگ وڙهڻ لاءِ سمورن ادارن کي متحد ٿيڻو پوندو تڏهن پاڪستان نازڪ دور مان نڪري خوشحالي جي دور ۾داخل ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ ڪجهه وقت گهرجي. حڪومت سنجيدگي اختيار ڪري، عوام کي اعتماد ۾ وٺي اڳتي وڌي۔