رات جي اونداهين جيان، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جي اندر به اوندهه ڇانئجي ويندي آهي. اها اوندهه اهڙي هجڻ لڳي ٿي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ نه روشني بچي ٿي، نه واٽ، نه آواز. اڄ جو نوجوان، جيڪو اميدن جو محور، مستقبل جو معمار ۽ ترقيءَ جو چراغ آهي، سو جڏهن نشي جي لت ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ته اهو رڳو هڪ شخص جو نه، پر پوري نسل جو زوال بڻجي ٿو. نوجوانن جي اکين ۾ خواب هوندا آهن، پر جڏهن انهن اکين تي نشي جي پردو چڙهي وڃي ٿو، ته خواب به ڌنڌلا ٿي وڃن ٿا. هيءَ ڌنڌلائپ فقط اکين تائين محدود نه رهي ٿي، بلڪه دماغ، دل کي وڪوڙي وڃي ٿي. ڪڏهن ڪو چڱيءَ زندگيءَ جي تلاش ۾ ته ڪو دوستن جي زور تي ته ڪو مايوسيءَ مان بچڻ لاءِ نشو شروع ڪري ٿو. پوءِ اهو نشو، نشو نه پر زندگي بڻجي وڃي ٿو. هڪ اهڙي زندگي، جيڪا موت کان به بدتر بڻجي وڃي ٿي، نشو نه صرف جسماني حالتن کي بگاڙي ٿو، پر نفسيات، جذبات، لاڳاپن ۽ اميدن جي بنيادن کي به ڌوڏي ڇڏيندو آهي. ماڻهو هڪ اهڙي عادت جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جيڪا پهرين ته روح کي بي حس ڪري ٿي، پوءِ آهستي آهستي جسم کي به برباد ڪرڻ لڳي ٿي.
هڪ نوجوان جيڪو سائنسدان، استاد، شاعر يا انقلابي بڻجي پئي سگهيو، هاڻ هو نشي جو متلاشي بڻجي ويو آهي. هن جا ڏينهن اجايا ۽ راتيون بي مقصد بڻجي ويون آهن. والدين جي اميدن جا گهنڊ هڪ هڪ ٿي ٽٽڻ لڳن ٿا، استاد مايوس ٿين ٿا، سماج خاموش ٿي وڃي ٿو.
معاشي حالتون، تعليمي مقابلو، بي روزگاري، گهر ۾ تڪرار ، هي سڀ نوجوان جي اندر اونداهي پيدا ڪن ٿا، جن مان نڪرڻ لاءِ هو نشي جو سهارو وٺڻ ٿا.خاص طور تي نوجوان هڪٻئي کي متاثر ڪن ٿا. ”ڪجهه نه ٿيندو” واري سوچ سان نشو شروع ڪيو ويندو آهي، ۽ پوءِ اهي منشيات واپرائڻ جا عادي بڻجي وڃن ٿا.
صحتمند مصروفيتون ۽ رانديون گهٽجڻ سبب نوجوانن وٽ وقت وڌي ٿو، جنهن جو استعمال گهڻو ڪري غلط رخ وٺي ٿو.
اسان جو سماج، جيڪو خود سڃاڻپ جي بحران جو شڪار آهي، اڪثر انهن موضوعن تي خاموش رهي ٿو، جن تي ڳالهائڻ ضروري آهي. نشو انهن موضوعن مان هڪ آهي. ڪيترن ئي خاندانن لاءِ اها ڳالهه "شرمندگي” سمجهي وڃي ٿي، جنهن ڪري نه رڳو بروقت علاج نه ٿو ٿئي، پر حالتون وڌيڪ خراب ٿين ٿيون.استادن وٽ وقت نه آهي ۽ حڪومتي ادارا رڳو ڪاغذن ۾ پاليسيون جوڙي رهيا آهن. هيءَ خاموشي هڪ اهڙي سازش بڻجي وئي آهي، جنهن جو شڪار هر ٻيو نوجوان ٿي رهيو آهي. نشي جي بيماريءَ جو علاج ممڪن آهي. بحالي مرڪز، نفسياتي مشورا، ۽ همدرديءَ تي ٻڌل رويا نوجوانن کي ٻيهر زندگيءَ ڏانهن وٺي اچي سگهن ٿا.اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نشي خلاف باقاعده آگاهي مهم هلائڻ، هن موضوع کي نصاب جو حصو بڻائڻ ضروري آهي.راندين، موسيقي، ادب، رضاڪاراڻا ڪم، هي سرگرميون نوجوانن کي مثبت رستي تي آڻي سگهن ٿيون. اچو ته سندن حياتيون بچائڻ لاءِ اڳتي وڌي، انهن جو هٿ پڪڙيون، کين ٻڌايون ته واپسي ممڪن آهي، اوهان پنهنجي زندگي بدلائي سگهون ٿا
نشي جي بيماريءَ جو علاج ممڪن آهي. بحالي مرڪز، نفسياتي مشورا ۽ همدرديءَ تي ٻڌل رويا نوجوانن کي ٻيهر زندگيءَ ڏانهن وٺي اچي سگهن ٿا. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نشي خلاف باقاعده آگاهي مهم هلائڻ، هن موضوع کي نصاب جو حصو بڻائڻ ضروري آهي.راندين، موسيقي، ادب، رضاڪاراڻا ڪم، هي سرگرميون نوجوانن کي مثبت رستي تي آڻي سگهن ٿيون. اچو ته سندن حياتيون بچائڻ لاءِ اڳتي وڌي، انهن جو هٿ پڪڙيون، کين ٻڌايون ته واپسي ممڪن آهي، اوهان پنهنجي زندگي بدلائي سگهون ٿا