ڌرتي، وسيلن ۽ وجود جي حفاظت ڪيئن ممڪن ٿيندي؟

تحرير: امجد دراني

اسان جڏهن سنڌ جي مالڪي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اها رڳو نعريبازي يا جذباتي اظهار نه پر هڪ بنيادي حق جي گهرج آهي. مالڪي صرف زمين جي نه، پر وسيلن، زبان، تعليم، تاريخ، ثقافت ۽ سڃاڻپ جي پڻ آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ سنڌ ۾ سنڌي ماڻهو صرف ووٽر طور نظر اچن ٿا، مالڪ نه! هر شعبي تي هڪ بيگانيت جي ڇانيل آهي. فيڪٽريون، بندرگاهون، گودام، وڏيون منڊيون، سپر اسٽور، ميڊيڪل، اسڪولن جا خانگي نيٽ ورڪ، بسون، رڪشا، ايتري قدر جو گئس ۽ تيل جون ڪمپنيون به غير سنڌين جي قبضي ۾ آهن. هيءَ بي دخلي رڳو معاشي نه پر ذهني غلامي جي به هڪ صورت اختيار ڪري چڪي آهي. تڏهن وڏي پئماني تي مالڪي جو ته هڪ خواب به نه ٿو ڏسي سگهجي پر افسوس سنڌ جي فيڪٽرين کان ويندي ننڍن ننڍن ڪاروبارن تي به سنڌي ماڻهن جي مالڪي نظر نه ٿي اچي ۔ هر جا ٽراسپورٽ هوٽل ڪاروبار دڪان مارڪيٽون سبزين سيڌن موچين جا دڪان به غير سنڌين سان ڀريا پيا آهن ۔ جڏهن اسان سنڌ جي ڪاروباري منڊين يا بندرگاهن فيڪٽرين جي ڳالهه ٿا ڪيون اتي ته ڪو سنڌين کي روزاني مزدوري تي به رکڻ لاءِ تيار ناهي پوءِ ڇا جي سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن پاڻي جي مالڪي ۔ جنهن ڌرتي تي ڌرتي ڌڻين جو ڪو روزگار نه هجي ڪو روزگار تي انهن کي رکڻ لاءِ تيار نه هجي اتي انهن جي مالڪي جي ڳالهه ڪرڻ ۔ واري جي مٿان يا پاڻي تي ڪا تحرير لکڻ برابر آهي ۔

اسان جڏهن سنڌ جي مالڪي جي ڳالهه ڪيون ٿا، سنڌ جي تعليم کي خاص طور تي نشانو بڻايو ويو آهي. خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي گهٽ وڌائي، ٻارن جي ذهن مان پنهنجو نالو، پنهنجو نسل ۽ پنهنجي ڌرتي جي اهميت ئي ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. اڄ جي سنڌي ٻار کي اها خبر نه آهي ته هو ڪنهن ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي ڌرتيءَ تي بيٺو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس تاريخ ئي پڙهائي نه ٿي وڃي.هاڻي ته سنڌ جي پاڻي تي به وار ٿي رهيو آهي. دريا جون لهرون روز بروز سڪي رهيون آهن، سنڌو جي پٽ تي زرخيز زمين بنجر ٿيندي پئي وڃي. نوان ڊيم، نوان بند، نوان قانون سڀ ڪجهه سنڌ جي اجاڙ لاءِ بڻايا وڃن پيا، پر سنڌ جو حڪمران طبقو خاموش آهي، جيئن ڄڻ هي ڌرتي انهن جي ناهي. ڪنهن به قوم جي بقا ان جي وسيلن تي مالڪيءَ سان جڙي آهي ۔ سنڌ جون سمورين زمينن جا مالڪ غير سنڌي ۔ سنڌ جا سمورا وڏا شهر غير سنڌين جي قبضي هيٺ سنڌ جي ٻولي اسڪولن ۾ نٿي پڙهائي وڃي ۔

 سنڌ جي عوام جا ٺاهيل اسڪول ڪاليج مفت ۾ اين جي اوز کي ڏنا ويا آهن ان ۾ نوڪريون ڪندڙ ملازمن کي بدلي ڪري غير سنڌين کي نوڪريون ڏنيون ٿيون وڃن سنڌين جون نوڪريون ختم ڪيون ٿيون وڃن ۔ اهي ٻارن کي سنڌي نه ٿا پڙهائن ۔ سنڌ جي نسل سان بي رحماڻو فڪري نسل ڪشيءَ جو عمل جاري آهي ـ جيڪو تير، بندوق يا بم سان نه، پر تعليم ذريعي ڪيو پيو وڃي ۔ اسان جي زمين اسان جي پيرن هيٺان نڪرندي وڃي ٿي اسان خاموش تماشائي بڻيا ويٺا آهيون ۔ پاڪستان سنڌ ٺاهيو ۽ وجود ۾ اچڻ شرط ڪراچي مان  200 سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا اڄ ڏينهن تائين نه کلي سگهيا ۔ جڏهن ڪراچي مان 200 سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا، ته اهو هڪ تعليمي قتل عام هو. پر اسين خاموش رهياسين، ان ڪري اڄ ڀتا وٺندڙ هٿ مضبوط ٿيا، ڌارين جا قبضا وڌيا، اسان جي نوجوانن جو مستقبل ڌنڌلو ٿيندو ويو.

اسان کي هاڻي پنهنجو هر ادارو، هر وسيلو، هر ڳوٺ، هر بندرگاهه، ۽ هر اسڪول واپس وٺڻو پوندو. صرف احتجاجن سان نه، پر منظم رٿابندي، سياسي بصيرت ۽ اقتصادي ادارن جي قيام سان مالڪي رڳو لفظ نه، عمل جو نالو آهي.جيڪڏهن اسين اڄ به پنهنجي ٻولي، پنهنجي زمين، پنهنجي پاڻي، پنهنجي تعليم ۽ پنهنجي ڪاروبار جي مالڪي نه ڪنداسين ته سڀ ڪجهه هٿن مان نڪري ويندو، پوءِ صرف افسوس بچندو. نه اسان جي ٻولي هوندي نه اسان جي ثقافت هوندي نه ئي اسان سان سڃاتي ويندڙ سنڌ ڌرتي هوندي ۔ پاڪستان جي قومي اسيمبلي سنڌ ۾ هئي 1963 ۾ جنرل ايوب قومي اسيمبلي اسلام آباد کڻي ويو ۔ جڏهن سنڌ مان پاڪستان جي اسيمبلي اسلام آباد منتقل ڪئي وئي، ته اها سياسي مالڪي جو جنازو هو.

اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن بنگلاديش (پهرين اوڀر پاڪستان) پنهنجي وسيلن، زبان ۽ سڃاڻپ جي مالڪي جي ڳالهه ڪئي ته اُن کي غداري چيو ويو. ساڳيا الزام هاڻ به سنڌي، بلوچ ۽ پشتون تي لڳن ٿا. ڇو؟ ڇا پنهنجو حق گهرڻ غداري آهي؟ ذوالفقار علي ڀُٽو نظيرعباسي ۽ بينظير سميت سنڌي سياستدانن ۽ عالمن جو قتلام ڪيو ويو ۽ سياسي ڪارڪنن کي جبري طور لاپته ڪيو پيو وڃي. آخر ظالمن کي ايتري ڇوٽ ڇو مليل آ ۔ جيڪڏهن "سنڌ جي مالڪي” جي ڳالهه ڪجي ٿي ته اها صرف زمين جي نه، بلڪه خودي جي آهي. عقلمندي جي آهي. سڃاڻپ جي آهي. ۽ انصاف جي آهي. سنڌ جي مالڪي ڪريو ـ انهيءَ معنيٰ ۾ نه ته اسين ڌار ويهي رهون، پر انهيءَ معنيٰ ۾ ته اسين پنهنجي وجود جي حفاظت ڪري سگهون، پنهنجي ٻولي، پنهنجي تاريخ، پنهنجي وسيلن، پاڻي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ باعزت، باوقار ۽ خوددار زندگي حاصل ڪري سگهون. جيڪڏهن اڄ خاموش ويهي رهنداسين ته سڀ ڪجهه هٿن مان نڪري ويندو ـ پوءِ نه وسيلن جو حق رهندو، نه زبان، نه تاريخ، ۽ نه ئي سنڌ!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.