سنڌ جيڪا درويشن صوفين جي ڌرتي آھي، جن پنھنجي فھم فضيلت ادارڪ سان پوري دنيا جي انسانن جي خوشحال،آچبي، امن ۽ شانتي جو درس ڏنو آھي، جنھن کي پوري دنيا ڄاڻي سڃاڻي ٿي، انھن بزرگن جي ڪلام کي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچائڻ لاءِ عالمن، اسڪالرن مفڪرن سان گڏ زندگي جي مختلف رخن سان پنھنجي پنھنجي نموني سان پھچايو آھي. انھن ۾ سنڌ جي صوفي ڪلاڪارن جو راڳ جي راڻي عابده پروين کان ويندي نئين ديري جي ڪلاڪار صوفي صدرالدين راشدي شامل آهي. صدرالدين راشدي سنڌي، سرائڪي ۽ اردو کان سواءِ فارسي ۾ جي صوفي شاعرن کي ڳايو. هو تلفظ ۽ ادائيگي جو وڏو ڄاڻو ھو، جنھن ڪري ھن جي چَوَت من موھيندڙ ھئي جنھن ڪري کيس ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاھر وڃي فن پيش ڪرڻ جو موقعو مليو.
صدر الدين راشدي سنڌ جو ڄاتل سڃاتل فنڪار آھي ھن جو تعلق نئين ديري جي محلي پير جوڳوٺ جي علمي ادبي راشدي قبيلي سان آھي. پير ڳوٺ جو راشدي خاندان سورھيه بادشاھ جي خاندان سان جڙيل آھي. صدرالدين راشدي بزرگن اوليائن جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ اٽڪل ٽن ڏهاڪن کان راڳ ڳائيندو رهيو، پر گذريل ڪجهه مهينن کان هو راڳ جي دنيا کان پرڀرو رهيو، جنھن جو ڪارڻ سندس گردن جو ڪم ڇڏي وڃڻ آھي. ھن غريب ڪلاڪار کي ٻه پٽ ٻه نياڻيون آھن، سندس زندگي جو ڪار وھنوار صرف ۽ صرف راڳ تي هو، جنھن مان ملندڙ ڪجهه ڏوڪڙن مان ھي پنهنجو گهر هلائيندو هو، جيڪو به بيماري سبب بند ٿي ويو.
ٻڌايو پيو وڃي ته سندس ڪريٽين وڌيل رھڻ ڪري ھي مسلسل گمس توڙي ايس آءِ يو ٽي ڪراچي جا کيس پنڌ ڪرڻا پيا، پر سندس طبيعت بھتر نه ٿي. آخر 24 ڏينھن اڳ کيس ٻيھر گمس ۾ طبيعت خراب ٿيڻ ڪري داخل ڪيو ويو. جتي ھڪ ھفتو انتھائي نگهداشت واري وارڊ آءِ سي يو ۾ رکڻ بعد کيس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي ۽ ائين هو اسان سڀني کان وڇڙي ويو. صدر الدين راشدي سنڌ جو اثاثو ھو، جڏھن پوري دنيا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏئي رھي آھي ته ان ماحول ۾ ھي ڪلاڪار پنھنجي رنگ ۾ امن، شانتي ۽ پوري عالم اندر محبت ۽ ڀائيچاري جون صدائون پنهنجي امر آواز ۾ ٿي الاپيون. سندس مرتئي تي نئين ديري سميت سنڌ ۾ سوڳ ڇانيل آھي