حور النساءَ پليجو کي الوداعي ڀيٽا

تحرير: ياسمين چانڊيو

ڪيترائي ماڻهون پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي هڪ تحريڪ هوندا آهن، جن جي شخصيت مان روشنيءَ جا لاڙا نڪرن ٿا، جيڪي هزارين ماڻهن جي سوچن، اميدن ۽ جدوجهدن کي جوت ڏين ٿا. اهڙيون هستيون، پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي هڪ درسگاهه، هڪ تربيتگاهه، هڪ تحريڪ بڻجي بيهنديون آهن. امان حورالنساءَ پليجو به اهڙين ئي هستين مان هڪ هئي ــ نه فقط رسول بخش پليجي جي ڀيڻ، نه فقط هڪ سياسي ساٿي، پر پاڻ هڪ سموري عورتاڻي بيداريءَ جو نالو هئي. 26 نومبر 1982ع تي ان تحريڪ جو بنياد پيو. هن تحريڪ جو مقصد سنڌ جي عورتن کي سياسي، سماجي، ۽ معاشي شعور ڏيڻ هو، جيئن هو  پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري سگھن ،،

1980ع واري ڏهاڪي ۾، جنرل ضياءُ الحق جي آمريت دوران، عورتن جي حقن تي سخت قانون لاڳو ڪيا ويا ،ان دور ۾، سنڌياڻي تحريڪ، امان حورالنساءَ جي اڳواڻيءَ ۾، ان ظلم خلاف آواز اٿاريو. خاص طور تي، 1983ع ۾، جڏهن عورتن جي شاهدي کي مردن جي مقابلي ۾ اڌ قرار ڏنو ويو، ته سنڌياڻي تحريڪ ان قانون جي مخالفت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. انهن مظاهرن ۾، امان حورالنساءَ جي اڳواڻيءَ ۾، عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جيڪا ان دور جي سخت حالتن ۾ هڪ بهادريءَ جو مثال هئي.

امان حورالنساءَ، سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ به سرگرم رهي. خاص طور تي، ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾، سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن، امان جي اڳواڻيءَ ۾، احتجاجي مظاهرا ڪيا. انهن مظاهرن ۾، عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جيڪا ان دور جي سخت حالتن ۾ هڪ بهادريءَ جو مثال هئي. سنڌ جي عورتاڻي جدوجهد جي هڪ امر علامت هئي. سندس زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾، سنڌ جي عورتن لاءِ هڪ نئون رستو، هڪ نئون فڪر، ۽ هڪ نئون حوصلو موجود هو. هوءَ نه صرف هڪ سياسي اڳواڻ هئي، پر هڪ ماءُ، هڪ ڀيڻ، ۽ هڪ ساٿي به هئي، جنهن جي وجود سان سنڌ جي عورتن کي پنهنجي سڃاڻپ ملي.

مونکي پهريون دفعو امان حور سان ملاقات جو شرف جنگ شاھي ۾ رسول بخش پليجي صاحب جي سالگرهه جي موقعي تي ادي فاطمه پليجو جي گھر ۾ حاصل ٿيو. منهنجي اندر ۾ سندس نرمي، شائستگي، ۽ سموري سنڌ لاءِ مامتا جهڙو پيار، هڪ اهڙو تاثر ڇڏي ويو، جيڪو لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي. پاڻ جدوجهد جي ميدان جي ارڏي سپاهڻ هئي، پر ان جي دل ۾ ايترو ته ماٺيڻو مٺاس ۽ ماءُ جهڙو پيار ڀريل هو، جو محسوس ٿيو ڄڻ سنڌ جي هر ڌيءَ، هر ماءُ، هر ڀيڻ لاءِ هوءَ پاڻ "امان” آهي. اهو ڏسڻ هڪ حيرت جي ڳالهه آهي ته رسول بخش پليجي جهڙي فڪري ڏاهپ سان ڀرپور، فصاحت بلاغت جي کاڻ، انقلابي اڳواڻ جي ڀيڻ هجڻ باوجود، امان حور ڪڏهن به سندس  پاڇو   نه بڻي ، پر پاڻ ان پاڇي  مان روشنيءَ جي صورت نڪتي. سندس سياسي سمجھداري، عزم، ۽ نظريي ۾ هم آهنگي  ساڻ، پنهنجي الڳ اسلوب سان سنڌي عورتن جي سياسي شعور کي جنم ڏنو.

ڪراچيءَ ۾ مستقل رهائش کانپوءِ "سنڌياڻي تحريڪ” جي جدوجهد جو مرڪز سندس گهر بڻيو. اتي صرف عورتن لاءِ گڏجاڻيون نه ٿينديون هيون، پر اتي خواب اڻيا ويندا هئا، اتي جدوجهد جا نقشا ٺاهيا ويندا هئا، ۽ اتي سنڌي عورتن جي آزاديءَ لاءِ حوصلي جي ديوار تي اميدن جا نوان گل پوکيا ويندا هئا.مونکي فخر آهي ته مان به اُنهن ڏينهن ۾ امان حور جي ويجهو رهي، ان تحريڪ جو حصو ٿي، سندس تربيت، شفقت، ۽ جرئت ڀري جدوجهد جو مشاهدو ڪري  ھڪ سگھاري سياسي ڪارڪن طور سڃاتي ويس ،امان جي اکين ۾ اُهو سچو دُک هو، جيڪو سنڌ جي محرومين لاءِ اٿندو آهي. سندس لفظن ۾ اُهو پاڻ آڌار هو، جيڪو صرف اصولن تي بيٺل ماڻهن جي نرڙ تي هوندو آهي.

سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد  سنڌ لاءِ لازوال تاريخي ماڳ ھيو جيڪو سياسي سماجي بغاوت جو اظهار هو. سنڌ جي عورت صديون خاموش رهي، روايتن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهي، پر جڏهن حورالنساءَ جهڙين عورتن ان زنجير کي هٿن سان ٽوڙيو، تڏهن ئي سنڌي عورت جي واڳ وٺڻ جو آغاز ٿيو.

سن 1980ع جي ڏهاڪي ۾، جتي ملڪ آمريت هيٺ ساهه کڻي رهيو هو، اتي ئي سنڌياڻي تحريڪ جي صورت ۾ سنڌ جي عورت پنهنجي وجود، پنهنجي سوچ، ۽ پنهنجي سياسي حيثيت جو ڀرپور اظهار ڪيو. امان حورالنساءَ، فقط تحريڪ جي باني نه، بلڪ ان جي "روح” هئي. هن عورتن کي سياسي اجتماع تائين وٺي وڃڻ لاءِ رڳو سڏ نه ڪيو، پر پنهنجو گهر، پنهنجو وقت، پنهنجا وسيلا، ۽ پنهنجو نرالو جذبو عطا ڪيو. هوءَ فقط جلسن جي سامهون بيهڻ واري اڳواڻ نه هئي، هوءَ انهن عورتن جي گهرن تائين پهچڻ واري ڄاڻ، سمجهه، ۽ احساس واري ماءُ هئي، جيڪا کين آزاد سوچ ڏيارڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ جو آرام قربان ڪندي رهي.

رسول بخش پليجي جهڙي ادبي، فلسفي، ۽ تاريخدان شخصيت جي ڀيڻ هجڻ سبب، امان حور وٽ لفظن جي چونڊ، لهجي جي نرمي، ۽ ڳالهائڻ جي فڪر انگيز طرز موجود هئي. ساڻس ڳالهائيندي اهو احساس ٿيندو هو ته ڄڻ نه فقط ڀيڻ، پر هڪ تمام سٺي استاد، سمجهه واري اڳواڻ ۽ رحم دل ماءُ سان ملاقات ٿي رهي آهي.جڏهن هوءَ ڪنهن سياسي مسئلي تي ڳالهائيندي هئي ته سندس لهجو تڪراري نه هوندو هو، پر سمجهاڻيءَ وارو هوندو هو. هوءَ عورتن کي ايئن قائل ڪندي هئي، ڄڻ ماءُ پنهنجي نياڻيءَ کي مستقبل جي اميد ڏيکاري رهي هجي. سندس زندگيءَ جا لمحا، سياست کان وٺي سماج تائين، انساني لاڳاپن جي مضبوط ڪڙي هئا.مون وٽ ڪيترين ئي يادگيرين جو انبار آهي، جيڪو امان حورالنساءَ جي شفيق شخصيت سان جڙيل آهن. سندس گھر ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين، مشاورتن، ۽ آزادي جي ڳالهين دوران، هوءَ رڳو تحريڪ جي اڳواڻ نه، بلڪه دلين کي ڇهندڙ هستي هوندي هئي. هوءَ هر ڪنهن جي لاءِ هڪ جڳهه رکندڙ هئي، پنهنجي اکين سان حوصلو ڏيندڙ، ۽ پنهنجي وجود سان تحفظ جو احساس ڏيندڙ هئي.

اهو ئي سبب آهي، جو اڄ جڏهن امان حورالنساءَ اسان کان وڇڙي وئي آهي، تڏهن ائين ٿو لڳي ڄڻ سياسي ڪتاب جو هڪ خوبصورت باب هميشه لاءِ بند ٿي ويو آهي. پر نه، حقيقت اها آهي ته امان جھڙيون شخصيتون ڪڏهن به مرنديون ناهن، هوءَ رڳو جسماني طور  جدا ٿي آهي، پر سندس فڪر، سندس جذبو، سندس آواز، سنڌ جي عورت جي سوچن ۾ هميشه لاءِ زنده رهندو.امان حور کي جيڪڏهن مان هڪ تشبيهي روپ ۾ بيان ڪريان، ته هوءَ ان وڻ وانگر هئي، جنهن جي ڇانوءَ ۾  ھزارين سنڌياڻيون ويٺيون، ذھني آرام ڪنديون ھيون، ۽ پوءِ  نئين سر جدوجهد لاءِ اٿيديون ھيون. هوءَ سنڌ جي ماءُ جو علامتي وجود هئي، جنهن جي جھوليءَ ۾ پيار به هو، ۽ حوصلي جو جنم به. سندس ٻوليءَ ۾ مادري لهجو هو، ته عملن ۾ انقلابي اڻٿڪ سفر جو روح.هوءَ ان درياهه جيان هئي، جيڪو بيشڪ خاموش وهندو آهي، پر جنهن جو پاڻي هزارين پياسن کي زندگي عطا ڪندو آهي. سندس خاموشي به آواز هئي، سندس نگاهه به بيان هئي، سندس هٿ به ساٿ هئا، ۽ سندس دعا به تحريڪ جي طاقت هئي.امان حور جي لاڏاڻي بعد سنڌ جي عورتن، خاص ڪري سنڌياڻي تحريڪ لاءِ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. پر ان سان گڏ هڪ واضح رستو، هڪ فڪري ميراث به آهي، جيڪا اسان سڀني لاءِ مشعل راه آهي. اها ميراث آهي عورت جي سياسي شعور، سماجي برابري، ۽ پنهنجي قومي وجود لاءِ جدوجهد جو ورثو.

سنڌ جي هر باشعور ڌيءَ، کي هاڻ ان ورثي کي اڳتي وڌائڻو آهي، ته جيئن امان حورالنساءَ جو نالو صرف ماضيءَ جي ڪتابن تائين محدود نه رهي، بلڪ مستقبل جي اميدن جي هر صفحي تي رقم رهي.

جيئن شيخ اياز لکيو هو:

"ماڻهو مرن ٿا، پر لفظ نه مرندا آھن..

امان حور جا لفظ، سندس فڪر، سندس انداز، سندس مامتا، سندس جدوجهد، سڀ ڪجهه هڪ اهڙي تحريڪ ۾ بدلجي ويو آهي، جنهن کي نه وقت روڪي سگھي ٿو، نه وساري سگھي ٿو. هوءَ فقط رسول بخش پليجي جي ڀيڻ نه، بلڪه هڪ فڪري ورثي جي امين هئي. ۽ اڄ جڏهن هوءَ اسان کان جسماني طور رخصت ٿي چڪي آهي، ته سندس نرالو آواز، سندس نرم لهجو، سندس ماءُ جهڙو وجود، ۽ سندس انقلابي روح، اسان سڀني لاءِ هڪ دائمي روشني بڻجي ويو آهي.امان حورالنساءَ، توکي سلام ــ تنهنجي مامتا، تنهنجي جدوجهد، تنهنجي انساني محبت، ۽ تنهنجي سچائيءَ تي هميشه فخر رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.