ادي حورالنساءَ جو لاڏاڻو: عورتن جي سياسي ۽ قومي جدوجهد جي هڪ باب جي پڄاڻي

اهو لکندي يقينن بي حد  تڪليف رسي رهي آهي ته ادي حور النساءَ جي لاڏاڻي سان سنڌ ۾ عورتن جي سياسي ۽ قومي جدوجهد جو هڪ اتساهيندڙ باب پورو ٿيو آهي، پر ڇا ڪجي اها حقيقت آهي ته ادي حورالنساءَ پنهنجي ڪردار کي  تاريخ ۾ عورتن جي هڪ عظيم ۽ مزاحمتي باب طور درج ڪري پاڻ کي امر ڪري وئي آهي. عورتن جي مزاحمتي تاريخ جو ادي حورالنساءَ طور هڪ باب آهي جنهن جي سڃاڻپ ۽ اتساهه جو يقينن پهريون  وڏو حوالو رسول بخش پليجو رهيو آهي جنهن جي هيءَ فخر لائق ڀيڻ آهي ۽ جنهن پنهنجي فخر لائق ڀاءُ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هر دور ۾  سياسي ۽ قومي جدوجهد ڪئي جنهن ۾ ون يونٽ مخالف  جدوجهد، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرائڻ واري مهم، ايم آر ڊي ۽ ڪالاباغ ڊيم جون تحريڪون نمايان آهن. پاڻ آخري وقت تائين عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر هئي. سڄي جدوجهد پنهنجي جاءِ تي پر سنڌياڻي تحريڪ واري سندس جدوجهد کي لازوال حيثيت حاصل رهندي.

اهڙي تاريخ اهڙيون شخصيتون ٺاهينديون آهن جيڪي پنهنجي نظريي ۽ مقصد سان چٽيون ۽ سچيون رهنديون آهن، جيڪي ثابت قدم ۽ مستقبل مزاج هونديون آهن،  جن جي بهادري ۽ حوصلي جون سختيون برداشت ڪيل هونديون آهن. ادي حورالنساءَ  ۾ يقينن اهي سڀ خاصيتون هيون جنهن ڪري هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي تاريخ ٺاهي ۽ ٺهندي ڏٺي ۽ اڄ کان عورتن جي مزاحمتي تاريخ ۾ هڪ باب طور ياد ڪئي ويندي.ادي حورالنساءَ پنهنجي وجود ۾ پاڻ انقلاب هئي. سندس هر ٻول، هر عمل، هر تقرير، هر جدوجهد انقلاب هو. ان انقلابي شخصيت مان متاثر ٿي ڪيتريون ئي عورتون انقلابي بڻيون ۽ اهي سنڌياڻي تحرڪي جو حصو بڻيون. اسان جي خواهش ۽ اميد هوندي ته ادي حورالنساءَ جي انقلابي وجود مان پيدا ٿيل انهن سڀني عورتن سندس شخصيت، واقعن ۽ قصن تي ضرور ڪجهه نه ڪجهه لکيو هوندو ۽ اڳتي به لکنديون ته جيئن ادي حور النساءَ  جي ان انقلابي جدوجهد تي ٻڌل ڪو ڪتاب شايع ٿي سگهي جيڪو نسل در نسل پوءِ منتقل ٿيندو رهي. عوامي تحريڪ جي جماعت ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي سورمين کي پاڻ به ضرور ان ڳالهه جو احساس هوندو ته ادي حورالنساءَ جي انقلابي جدوجهد جي هڪ هڪ پل کي محفوظ ڪجي. ڇاڪاڻ ته اهي شخصيتون  محض شخصيتون ناهن پر اهي سماجن لاءِ زندگيون هونديون آهن، تحرڪ، جوش ۽ ولولو هونديون آهن، اتساهه ۽ سبق هونديون آهن. جن جي وڇوڙن تي سوڳ ناهي ڪبو پر سندن زندگيون ملهائبيون آهن.

سنڌ جي سياست ۽ سياسي تحريڪن کي فيصلائتا نتيجا تڏهن کان ملڻ لڳا آهن جڏهن کان سنڌ جي عورتن سياست ۾ قدم رکيو ۽ تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ سنڌ جي تحريڪن ۾ وڏي  اڇل تڏهن آئي جڏهن عوامي تحريڪ  سنڌياڻي تحريڪ کي جنم ڏنو ۽ پوءِ سنڌياڻي تحريڪ عوامي تحريڪ جي هر جدوجهد ۾ اڳيان اڳيان نظر آئي. ان سنڌياڻي تحريڪ ايم آر ڊي ۾ ضياءَ جي ظالماڻي مارشل لا کي ٽوٽا چٻايا ۽ ايئن جنرل مشرف جي ڪالاباغ ڊيم مهم جي آڏو رڪ جي ديوار بڻي ۽ سڌو سنئون سندس نالو وٺي کيس للڪاريو ته ”پاڻي تي مشرف توسان جهيڙو آ“ ۽ پوءِ تاريخ ڏٺو ته مشرف سان ان جهيڙي ۾ سنڌ کي عظيم ڪاميابي نصيب ٿي ۽ ڪالاباغ ڊيم نه ٺهي نه ٺهي سگهيو.

ان سنڌياڻي تحريڪ جا باني بي شڪ رسول بخش پليجو، فاضل راهو هيا پر ان جون روح روان حور النساءَ پليجو، شهناز راهو ۽ ٻيون هزارين عورتون هيون. سنڌياڻي تحريڪ جي انهن عورت ورڪرن جي سياسي تعليم ۽ تربيت جو ذمو ادي حور النساءَ پليجو تي هو. ان حساب سان سندس درجو هڪ استاد ۽ رهنما وارو هيو. هوءَ سياسي عورتن جي استاد ۽ رهنما به هئي، ماءُ به هئي ڀيڻ به هئي، سهيلي به هئي ته اتساهه ۽  فخر به هئي. سندس جدوجهد جو سڀ کان سگهارو حوالو رول ماڊل وارو به هو. هن سڀ ڪجهه پاڻ عملي طور ڪري ڏيکاريو جيڪا غير معمولي ڳالهه آهي.

عوامي آواز ميڊيا گروپ سندس لاڏاڻي تي سنڌ، سنڌ جي تحريڪن،  سنڌياڻي تحريڪ، سنڌ جي سياسي ۽ قومي عورتن ۽ سڄي پليجو ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو ۽ هن ناقابل برداشت صدي کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي اپيل ڪري ٿو. جيئن ادي حورالنساءَ پنهنجن صدمن ۽ تڪليفن کي طاقت ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو. هن عمر جي آخري حصي ۾ بيمارين کي به وڏي حوصلي ۽ بهادري سان منهن ڏنو. سندس همت، حوصلي ۽ بهادري جا جيڪي به قصا آهن، داستان آهن ۽ واقعا آهن تن کي سهيڙڻ ۽ ريڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهي همت، حوصلي ۽ طاقت جا واقعا، قصا آدرشي ۽ انقلابي سياست کي پڻ همت حوصلو ۽ بهادري عطا ڪندا آهن ۽ انهن جي نقش قدم تي هلڻ جي نينڍ ڏيندا آهن. ادي حور النساءَ جي عظيم ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد کي اسان آخر ۾ ڀٽائي صاحب جي هن سدابهار شعر سان ڀيٽا ڏيڻ چاهينداسين ته ”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.