آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب اتر ڪوريا روايتي هٿيارن سان گڏ ڊرون استعمال ڪندي ’سوارم حملن‘ جون باقاعده فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سان آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي هوائي بچاءَ واري نظام لاءِ نئون چئلينج پيدا ٿي سگهي ٿو.
اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا موجب هڪ فوجي مشق دوران هڪ ئي هدف کي تباهه ڪرڻ لاءِ حملو ڪندڙ ڊرون، جوهري صلاحيت وارا ميزائل، راڪيٽ ۽ ڊگهي مفاصلي تائين مار ڪندڙ توپخانو هڪ ئي وقت استعمال ڪيو ويو.
رپورٽ موجب هن حڪمت عملي جو مقصد مختلف هٿيارن وچ ۾ اهڙو گڏيل رابطو پيدا ڪرڻ آهي، جنهن سان دشمن جي فوجن تي هڪ ئي وقت مرڪوز حملو ڪري سگهجي.
اتر ڪوريا 20 سيپٽمبر تي ٻن مبينا تيز رفتار ميزائلن جي ڪامياب آزمائش جو پڻ اعلان ڪيو، جڏهن ته جديد 240 ملي ميٽر گهڻ راڪيٽ نظام جا تجربا پڻ ڪيا ويا.
وال اسٽريٽ جرنل موجب ڊرونن ۽ ميزائلن تي ٻڌل اهڙا گڏيل حملا يوڪرين ۽ ايران جي تازين جنگين دوران وڌيڪ نمايان ٿيا آهن ۽ انهن سان جديد هوائي بچاءَ وارن نظامن لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿي سگهن ٿيون.
’سوارم حملو‘ ان جنگي حڪمت عملي کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي هڪجهڙا يا مختلف قسم جا هٿيار هڪ ئي وقت هڪ هدف کي نشانو بڻائيندا آهن. ان حملي ۾ هڪ ئي وقت سئو کان مٿي ميزائل ۽ ڊرون هڪ ئي هنڌ لاءَ استعمال ڪيا ويندا آهن.