شگر جهڙي خطرناڪ مرض کان بچڻ لاءِ ماهرن جا ڏسيل ٻه طريقا

هانگ ڪانگ يونيورسٽي جي نئين تحقيق موجب الٽرا پراسيس خوراڪ جو استعمال محدود ڪرڻ ۽ ورزش کي معمول بڻائڻ سان ٻئي قسم جي شگر جي مرض کان بچي سگهجي ٿو، ڀلي ڪنهن ماڻهو ۾ جينياتي طور مرض جو خطرو وڌيڪ ڇو نه هجي.

تحقيق ۾ برطانيا جي بائيو بئنڪ مان 56 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي انگن اکرن جو جائزو ورتو ويو، جن جي صحت جي نگراني سراسري طور 8 سالن تائين ڪئي وئي.

نتيجن موجب الٽرا پراسيس خوراڪ جي استعمال سان ٻئي قسم جي شگر جو خطرو وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته هر هفتي 150 منٽ جسماني سرگرمي ڪرڻ سان اهو خطرو 39 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿو.

محققن موجب الٽرا پراسيس خوراڪ جو گهٽ استعمال ۽ باقاعده ورزش جينياتي طور شگر جي وڌيڪ خطري وارن ماڻهن ۾ به مرض جو امڪان 33 کان 35 سيڪڙو تائين گهٽائي سگهي ٿي.

محققن چيو ته طرز زندگي ۾ تبديلي، مناسب خوراڪ ۽ جسماني سرگرمي سان ٻئي قسم جي شگر کان بچاءَ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

You might also like