مارننگ شو ۾ بولڊ لباس پائڻ تي فضا علي تي سخت تنقيد

مارننگ شو ۾ بولڊ لباس پائڻ تي اداڪارا، ماڊل ۽ ميزبان فضا علي کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
فضا علي تازو لائيو مارننگ شو ۾ بولڊ لباس پائڻ سبب تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي، هوءَ شو ۾ اهڙا ڪپڙا پائي آئي جو سندس ٻانهون ۽ پيٽ جو ڪجهه حصو ظاهر ٿي رهيو هو.
مارننگ شو جون وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن، جنهن تي واهپيدار تنقيد ڪري رهيا آهن.
هڪ واهپيدار لکيو ته رمضان ٽرانسميشن ۾ توهان جهڙو ڪو مسلمان ناهي هوندو ۽ رمضان کانپوءِ توهان جي ڊريسنگ مسلمانن واري ناهي لڳندي، هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته فضا علي ”فضا“ خراب نه ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.