افغان طالبان حڪومت جي نائب وزير داخلا ابراهيم صدر ھندستان جو ڳجھو دورو ڪيو آھي.اھو دورو ھن
پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڇڪتاڻ جي عروج دوران ڪيو. اھا ڳالھھ بي بي سي،پشتو جي ھڪ رپورٽ ۾ ڄاڻائي وئي آھي.ان دوران ابراهيم صدر هندستاني عملدارن سان پڻ ملاقات ڪئي.ابراهيم صدر کي طالبان اڳواڻ ملا هيبت الله جو ويجهو سمجهيو ويندو آهي ۽ کيس طالبان حڪومت جي اهم ۽ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي معاملن بابت فيصلن ۾ اهميت ڏني ويندي آهي.هندستاني ميڊيا ان دوري کي اهم قرار ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ھن اھو دورو 22 اپريل تي پهلگام تي حملي کانپوءِ ڇڪتاڻ وقت ڪيو ھو.
هندستاني اخبار ‘سنڊي گارڊين’ لکيو آهي ته پاڪستان بابت تنقيدي خيال رکندڙ هڪ اعليٰ طالبان عهديدار سان ‘خفيه رابطي جي چينل’ کولڻ ظاهر ٿئي ٿو ته هندستان افغانستان ۾ طالبان سان پنھنجي نڪتھ نظر تي نظرثاني تي غور ڪري رهيو آهي. هڪ تازي پيش رفت ۾، هندستاني پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر 15 مئي تي طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان فون تي ڳالهايو. ياد رکڻ گهرجي ته ابراهيم صدر انهن اعليٰ طالبان ڪمانڊرن مان هڪ آهي جن پرڏيهي فوجن ۽ اڳوڻي افغان حڪومت خلاف جنگ دوران نام نهاد ‘هلمند ڪائونسل’ جي اڳواڻي ڪئي.هو آمريڪي پابندين مڙھيل طالبان اڳواڻن جي فهرست ۾ پڻ شامل آهي.
ابراهيم صدر هڪ سخت گير فوجي ڪمانڊر آهي جنهن 1990 جي ڏهاڪي ۾ طالبان جي دور ۾ بچاءُ جي نائب وزير طور ڪم ڪيو.ابراهيم صدر 1960 جي ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيو هو.مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ موجب، هن جا طالبان جي اڳوڻي سپريم ليڊر ملا اختر منصور سان به لاڳاپا هئا.ھن جا ايران جي انقلابي گارڊز جي قدس فورس سان ويجها لاڳاپا آهن.بي بي سي مانيٽرنگ موجب، آڪٽوبر 2018 ۾، آمريڪي خزاني کاتي جي پرڏيهي اثاثن جي ڪنٽرول آفيس (او ايف اي سي) ابراهيم صدر کي خودڪش حملن ۽ ٻين خطرناڪ سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي ڪري هڪ فهرست ۾ شامل ڪيو. انهن تي اهو سڀ ڪجهه ايران جي مدد سان ڪرڻ جو الزام به لڳايو ويو.
جڏهن طالبان آگسٽ 2021 ۾ اقتدار ۾ واپس آيا، ته افغانستان ۾ هندستاني سفارتخاني ۽ قونصل خاني جا سفارتڪار ۽ عملي تڪڙ ۾ افغانستان ڇڏي ويا.هندستان طالبان حڪومت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ۾ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سست رهيو آهي.پهلگام واقعي کان پوءِ، افغانستان، پاڪستان ۽ ايران لاءِ ان وقت جي هندستاني پرڏيهي سيڪريٽري 27 اپريل تي ڪابل جو دورو ڪيو.ساڳئي سفر دوران، هندستاني عملدار به بحران تي طالبان حڪومت جي موقف کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. جڏهن ته، هي مسئلو سرڪاري خبرن ۾ ايترو سامھون نه آيو هو.طالبان شروع ۾ پهلگام حملي جي مذمت ڪئي، پر هڪ ٻئي بيان ۾، تمام محتاط ٻولي ۾ چيو ته "هي بحران خطي جي مفاد ۾ ناهي.”چار مهينا اڳ، جنوري 2025 ۾، طالبان حڪومت جي قائم مقام پرڏيهي وزير امير خان متقي دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ هندستان جي نائب پرڏيهي وزير وڪرم مصري سان ملاقات ڪئي.2021 کان پوءِ طالبان حڪومت ۽ هندستاني عملدارن جي وچ ۾ اھا پهرين اعليٰ سطحي ملاقات سمجهي پئي وڃي.هندستان ڪابل ۾ پنهنجي مشن مان ڪيترن ئي اهلڪارن کي واپس موڪلي ڇڏيو آهي، پر ڪابل ۾ ملڪ جو سفارتخانو ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ ان جا سفارتي مشن اڃا تائين ڪم نه ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ واگها بارڊر ڪراسنگ پڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب بند ڪئي وئي آهي. افغانستان جو 80 سيڪڙو سامان ان رستي ذريعي هندستان ڏانهن برآمد ڪيو ويندو هو.هندستان پنهنجي موجوده مالي سال جي بجيٽ ۾ افغانستان جي امداد وڌائي 100 ڪروڙ رپيا ڪئي آهي.
پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ڏار پئجي ويا آھن ؟ پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا ڪجهه وقت کان ڇڪتاڻ وارا آهن ۽ 2021 ۾ طالبان جي ملڪ ۾ اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ ڇڪتاڻ وڌي آهي.جڏهن 2021 ۾ افغانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت ختم ٿي ۽ آمريڪي فوجن جي واپسي جي نتيجي ۾ افغان طالبان اقتدار ۾ آيا، ته پاڪستان ۾ اڪثر سفارتي ۽ فوجي ماهرن جو خيال هو ته هي وڏي تبديلي خطي ۾ پاڪستان جي گرفت کي مضبوط ڪندي.پر گذريل چئن سالن ۾ صورتحال تيزي سان تبديل ٿي. پاڪستان بار بار مطالبو ڪيو آهي ته ڪابل هن عرصي دوران پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) خلاف ڪارروائي ڪري، جيڪا "پاڪستان ۾ حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري رهي آهي.” طالبان حڪومت انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان جي اميدن جي ابتڙ طالبان جي ڪابل ۾ اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ شدت پسند حملا وڌيا آهن. پاڪستان سينٽر فار ڪانفليڪٽ اينڊ سيڪيورٽي موجب، 2024 ۾ نومبر جو مهينو سڀ کان وڌيڪ حملا ٿيا، جن ۾ 240 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ لڳ ڀڳ 70 سيڪيورٽي اهلڪار شامل هئا.پاڪستان به ملڪ مان افغانين کي آھستي آھستي ڪڍڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو پڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل آهي.