ٻه ڌاڙيل واهه تونسا پنجند ۽ چشما جهلم بند ڪريو

تحرير: عاطف ملاح

سنڌ هن وقت پاڻي جي بدترين کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. پنجاب اهڙي صورتحال باوجود به پنهنجا ٻه ڌاڙيل واھ تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال بند ناهن ڪيا. تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينالن جي ڪهاڻي به چولستان رٿا کان ڪا گھڻي مختلف ناهي جهڙي ريت چولستان رٿا لاءِ هن وقت چيو پيو وڃي ته هي صرف ستلج ندي جي وهڪرن تي هوندو ۽ هن جو دارومدار به ٻوڏ وارن وهڪرن تي هوندو اهڙي طرح تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال ٺاهڻ وقت به اهو چيو پئي ويو ته هي ٻئين واھ سنڌو درياهه مان ان وقت وهايا ويندا جڏهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي وهڪرو گهٽ وڌيڪ هوندو يعني ٻوڏ واري صورتحال ۾ هي واھ هلايا ويندا ٻي صورت ۾ هي بند رهندا.

پر اڄ عملي طور صورتحال اها آهي ته سنڌ سڪي رهي آهي. سنڌ بنجر بڻجي چڪي آهي. سنڌ جو ڊيلٽا مري رهيو آهي. سنڌو درياهه مري رهيو. سنڌو درياهه پنهنجن آخري پساهن ۾ آهي. سنڌ ۾ فصلن کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي. سنڌ ۾ ماڻهو پيئڻ جي پاڻي کان تڙپي رهيا آهن. پاڻي جو ڍڪ ملڻ محال آهي. پر ان صورتحال ۾ به پنجاب پنهنجي ڏاڍ مڙسي ۽ اره زورائي وسيلي ٻئين ڌاڙيل واھ تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال کولي ڇڏيا آهن. ٻئين ڌاڙيل واھ سنڌو درياهه جي نڙي تي لت جيان آهن. سنڌو جو ساھ آخري پساهن ۾ آهي ۽ هي ٻئي ان کي ختم ڪري رهيا آهن.

اسان هتي رڳو سنڌي هي مختلف اخبارن جي گذريل چند ڏينھن جي پاڻي متعلق آيل رپورٽن تي نظر رکون ته صورتحال واضع ٿي ويندي. اهڙيءَ ئي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته” سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 40 سيڪڙو ٿي وئي آهي پر ان باوجود به پنجاب تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينالن مان پاڻي کڻت گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏي آهي. پنجاب جي ڪينالن کي 98 هزار 800 ڪيوسڪ فراهم ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي ٽنهي بيراجن: گڊو بيراج، سکر بيراج ۽ ڪوٽڙي بئراج لاءِ فقط 30 هزار 700 ڪيوسڪ ڏنا ويا آهن. سنڌ اندر خريف جو فصل داءُ تي لڳل آهي. وفاقي حڪومت ، ارسا ۽ واپڊا پنھنجي هوڏ تي قائم آهن.“ پر ان باوجود سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جو آبپاشي کاتو مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آهي. سنڌ جو آبپاشي کاتو پنهنجي آبپاشي واري ذميواري کانسواءِ شايد ٻيا سڀ ڌنڌا ڪري ٿو جنھن ۾ واهن جي کاٽي کائڻ جي پيسن سميت، بجيٽ ۾ ڪرپشن ۽ اهڙا ٻيا عمل شامل آهن. جڏهن ته ان کانپوءِ سنڌي جي اخبارن ٻئي ڏينھن تي رپورٽ ڪيو ته” گڊو بئراج وٽ پاڻي کوٽ 84 سيڪڙو ٿي وئي. سکر وٽ پاڻي کوٽ 26 سيڪڙو رڪارڊ جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي کوٽ 55 سيڪڙو تي پهچي وئي. سنڌ ۾ سوڪهڙي باوجود پنجاب ڌاڙيل واهه ۽ ڊيم ڀرڻ بند نه ڪيا، سنڌ لاءِ ڇڏيل پاڻي به چوري. پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪينال جي کڻت 12 هزار ڪري ڇڏي. جڏهن ته تونسا پنجند لنڪ ڪينال جي کڻت وڌائي 7 هزار ڪئي وئي آهي.“

ان کانپوءِ تازي خبر رپورٽ هي ٿي آهي ته” سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ. سنڌ ۾ آڳاٽي خريف جو فصل داءُ تي لڳي ويو آهي. وچولي خريف کي شديد نقصان. پنجاب ڊيمن جا پيٽ ڀرڻ ۾ پورو. پنجاب پاران سنڌ کي سڪائي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو سلسلو جاري. سنڌ جي حصي جو وڌيڪ 3 لک 36 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي چوري. پنجاب پھرين اپريل کان 14 مئي تائين تونسا کان گڊو تائين 7 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي چوري ڪري ويو. ڌاڙيل واهن تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال ۾ 19 هزار 858 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو.“ هاڻي ڏسجي ته هڪ طرف سنڌ سڪي ۽ تڙپي رهي آهي پر ان باوجود به پنجاب سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي. ارسا ادارو جنھن کي سڀني صوبن ۾ برابري قائم رکڻي آهي ۽ هر صوبي کي پنھنجي حصي جو پاڻي، معاهدي تحت ڏيڻو آهي اهو ادارو پنجاب جو حمايت بڻيل آهي.

سنڌ جي بدقسمتي اها آهي ته سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي جي هٿن ۾ آهي. پيپلزپارٽي گذريل 17 سالن کان سنڌ ۾ حڪمران جماعت آهي پر تنھن باوجود به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي، گيس، تيل، معدنيات ۽ ٻيا وسيلا، ترقياتي ڪم ڏيارڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ کي پنهنجي حصي جي پاڻي لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو. سنڌ کي سنڌو درياهه تي ڇهن ڪينالن سميت هي ڌاڙيل واھ تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال به نه کپن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.