پاڪ فضائيه ۽ فوجي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو: عمران خان

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هن وقت ڪاوڙ ۽ انتقام جي چڪر ۾ ٻي حماقت ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري قوم ۽ فورسز کي الرٽ رهڻ گهرجي. اِهي ڳالهيون عمران خان طرفان اڊيالا جيل ۾ پنهنجي ٽنهي ڀينرن سان ملاقات دوران ڪيون ويون، جنهن بعد عليما خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان موجوده حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني قوم بي ڊپي ۽ متحد آهي، جنگ ۾ فوري ردعمل انتهائي اهم هوندو آهي. عليما خان موجب، عمران خان چيو ته مودي پاڪستان سان سخت نفرت ڪري ٿو، فالس فليگ آپريشن ذريعي اڳ به حملو ڪيو ويو، ۽ هاڻ به معاشي حملن سميت وري اهڙو قدم کنيو وڃي ته حيران نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي عمران خان 26هين ترميم تي به تنقيد ڪئي، چيائين ته هن ترميم سان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ختم ڪئي وئي آهي، ججن کي سرڪاري شعبو بڻايو ويو آهي. سپريم ڪورٽ مان ملٽري ٽرائلز جي اجازت سان عالمي سطح تي پاڪستان جو مذاق بڻجندو. عمران خان سوال اٿاريو ته 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيج بابت ڇو نٿو ڳالهايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.