اسلام آباد(بيورو/م ڊ) پاڪستاني هوائي فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي هوائي فوج جا ويڙهاڪ جهاز مختلف علائقن ۾ ڪري پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب، تباهه ٿيل ڀارتي فضائيه جي جهازن جا پائلٽ زخمي يا گم ٿيل آهن. هڪ ڀارتي جهاز اننت ناگ واري علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو، جنهن جي پائلٽ جي موت جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته تباهه ٿيل ڀارتي جهاز جي ايجڪشن سيٽ ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ جي علائقي گڊول ڪوڪرناگ مان ملي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻيو ڀارتي جهاز پامپور يا پلواما جي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو، ۽ ان جهاز جا پائلٽ سخت زخمي حالت ۾ سرينگر اسپتال منتقل ڪيا ويا. ذريعن موجب، ڀارت جو ٻيو ويڙهاڪ جهاز پنٿيال / رامسو، ضلعي رام بن جي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو، جتي تباهه ٿيل جهاز جو زخمي پائلٽ فلائنگ آفيسر کي آرمي اسپتال اڌمپور منتقل ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته ڀارتي هوائي فوج جو هڪ ٻيو جهاز ڀرده ڪلاں، تعلقي اکنور جي ٻنين ۾ ڪري پيو، جتي ايجڪٽ ڪندڙ ٻنهي پائلٽن کي زخمي حالت ۾ اکنور جي فوجي اسپتال منتقل ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ هو ته ڀارتي فضائيه جو هڪ جهاز ڀٽنڊا واري علائقي ۾ به تباهه ٿيو.