پاڪستان،چين،روس،ايران،ترڪيه،ملائيشيا تي ٻڌل نئون بلاڪ ٺهڻ وارو؟

اسلام آباد(اسد طور) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ صورتحال اهڙي رخ اختيار ڪري وئي آهي، جتي نه رڳو نريندر مودي جي قيادت تي سوال اٿيا آهن، پر پاڪستان جي موجوده حڪومتي نظام کي به مغرب جي نون سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو.ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي داخلي ۽ بين الاقوامي سطح تي سخت چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو.داخلي طور تي، بي جي پي جي ڪمزور ڪارڪردگي، خاص طور تي چونڊن ۾، مودي جي قيادت کي خطري ۾ وڌو آهي. مخالف ڌر اڳواڻ راهول گانڌي اڳ ئي الزام لڳائي رهيو آهي ته مودي جي پاليسين سبب ڀارت چين ۽ پاڪستان ٻنهي سان لاڳاپن کي نقصان پهچايو. سوال اٿيا پيا وڃن ته مودي جي حڪمتِ عملي ڪٿي ناڪام ٿي ۽ ڇو ڀارتي فوجي نظام کي نقصان پهتو،عالمي سطح تي به ڀارت جي قيادت تي اعتبار گهٽبو پيو نظر اچي. آمريڪا ۽ مغربي ملڪ، جيڪي ڀارت تي مالي، عسڪري ۽ ٽيڪنيڪل لحاظ سان وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪري رهيا هئا، هاڻي سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته ڇا ڀارت چين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو؟ جيڪڏهن پاڪستان ڀارت کي چند ڏينهن ۾ غير فعال ڪري سگهي ٿو ته پوءِ ڀارت تي سيڙپڪاري جو ڇا فائدو؟ ٻئي طرف، مغرب هاڻي پاڪستان جي قيادت تي به نظر رکندو. پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ اڳ ڪجهه سرد مهري هئي، خاص طور تي سي پيڪ جي ادائيگين ۽ سيڪيورٽي خدشن جي ڪري، پر تازو صورتحال ۾ چين ٻيهر پاڪستان جي پاسي واضح طور تي بيٺو آهي. چين نه رڳو بيانن جي ذريعي حمايت ڪئي آهي، پر عسڪري طور به پاڪستان کي جديد هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي.جيڪڏهن مغرب اهو سمجهڻ لڳو ته پاڪستان خطي ۾ چين جي پراڪسي طور ڪم ڪري رهيو آهي، ته پوءِ مغرب پاڪستان تي سياسي ۽ مالي دٻاءُ وڌائي سگهي ٿو. IMF جي ذريعي اڳي به سي پيڪ جي اسڪروٽني ڪئي وئي هئي، ۽ اهڙي دٻاءُ ٻيهر وڌي سگهي ٿو.هاڻي سوال آهي ته پاڪستان ڪهڙو بلاڪ چونڊيندو؟ ڇا مغرب جو طرف وٺندو يا چين سان پنهنجون واڳون وڌيڪ مضبوط ڪندو؟ ڇا پاڪستان مغرب کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪا لچڪ ڏيکاري سگهندو، يا وري چيني بلاڪ طرف وڃي خطي جي نئين سياسي ترتيب جو حصو بڻجندو؟هاڻي راولپنڊي ۾ ويٺل قيادت کي نه صرف مغرب کي اعتماد ڏيڻو پوندو، پر ملڪي سياست تي به وڌيڪ ڪنٽرول جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن پاڪستان چين تي وڌيڪ انحصار ڪندو، ته پوءِ ان جو اثر سياسي آزاديءَ تي به پئجي سگهي ٿو.اڳتي هلي اهو خطو نئين سياسي ترتيب جي طرف وڌي رهيو آهي، جتي پاڪستان، چين، روس، ايران، ترڪي، ملائيشيا ۽ وچ ايشيائي ملڪن جو بلاڪ به سامهون اچي سگهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 14 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.