پاڪستان ۽ ڀارت کي وڌيڪ ويجهو آڻينداسين،جنگيون پسند ناهن : ٽرمپ

واشنگٽن/ رياض (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي جي دوري دوران خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت کي وڌيڪ ويجهو آڻينداسين، جيڪڏهن ٻئي گڏ ڊنر ڪندا ته اهو بهتر ٿيندو، پاڪ-ڀارت جنگ ۾ لکين ماڻهو مارجي وڃن ها، تنهنڪري امن جي ڪوشش ضروري هئي، سيز فائر لاءِ واپار کي هڪ اوزار طور استعمال ڪيو ويو، جِي ڊي وينس ۽ مارڪو روبيو هن ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، مان امن جو داعي بڻجڻ چاهيان ٿو، اسان کي ايٽمي جنگ نه، پر واپار جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي انتظاميا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تاريخي سيز فائر ڪرائي، ٻنهي دوست ملڪن کي چيو ته نيوڪليئر ميزائلن بدران واپار بابت سوچيو، "پاڪستان ۽ ڀارت جون قيادتون مضبوط ۽ ذهين آهن، رياض ۾ سعودي آمريڪي انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، مون کي جنگيون پسند ناهن، دنيا ۾ امن جي خواهش رکان ٿو، آمريڪي صدر ايران کي به امن جي آڇ ڪندي چيو ته ايران جي غلط پاليسين ملڪ کي ريگستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، دنيا ۾ امن لاءِ ايران سان ڊيل ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ايران زيتون جي شاخ کي نظرانداز ڪيو ته آمريڪا پابندين ذريعي سخت پاليسيون جاري رکندو، ايران کي ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا جي آڇ دائمي نه هوندي، هن چيو ته سعودي ولي عهد سان ملاقات بعد شام تي لاڳو پابنديون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شام جي عوام کي هڪ نئون موقعو فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، اميد ته شامي عوام ڪجهه ڪري ڏيکاريندو، ترڪ صدر جي درخواست تي آمريڪي پرڏيهي وزير شامي هم منصب سان ملاقات ڪندو، حزب الله بيروت جون رونقون تباهه ڪري ڇڏيون هيون، حوثي باغين کي دهشتگردن جي لسٽ مان ڪڍڻ وارو جوبائيڊن جو فيصلو غلط هو، حوثي باغين سامونڊي ٻيڙن تي حملا روڪڻ تي اتفاق ڪيو ته آمريڪا به حملا روڪي ڇڏياهن چيو ته ڪجهه مهينن ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، سعودي عرب سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، منهنجو سعودي دورو تاريخي ۽ ڪامياب رهيو آهي، چين آمريڪا تي لاڳو ٽيڪس گهٽائڻ تي راضي ٿيو، اسين به وڌيڪ گهٽتائي آڻينداسين، چين آمريڪي شين لاءِ پنهنجا دروازا کولڻ جي اجازت ڏني آهي، آمريڪا وٽ دنيا جي بهترين معشيت آهي، منهنجي موجودگي ۾ آمريڪا دولت ٺاهڻ لاءِ پرڪشش ملڪ بڻجي ويو آهي، آمريڪا ۾ بيورو ڪريسي کي ڪافي حد تائين محدود ڪيو ويو آهي، هن چيو ته دهشتگردي غزا پٽي ۽ لبنان ۾ تمام گهڻيون انساني جانيون ضايع ڪيون آهن، آمريڪا پنهنجي دوست ۽ ڀائيوار کي تحفظ فراهم ڪندو، اسين ڪنهن جي جنگ ۾ شامل نه ٿينداسين، هاڻي رتوڇاڻ روڪڻي پوندي، آمريڪا امن لاءِ فوجي طاقت استعمال ڪري رهيو آهي، اسرائيل ۽ غزه جي جنگ تي تبصرو ڪندي، ٽرمپ چيو ته غزه جا ماڻهو وڌيڪ بهتر مستقبل جا حقدار آهن، اھو ايستائين ممڪن نه ٿيندو، جيستائين اتي جا اڳواڻ بيگناهن کي اغوا، تشدد ۽ نشانو بڻائيندا رهندا، ٽرمپ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ سعودي مٿان زور ڀريندي چيو ته سعودي جي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان منهنجي عزت وڌندي، منهنجي خواهش ۽ خواب آهي ته سعودي عرب جلد ئي ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿي وڃي، اها وچ اوڀر جي مستقبل لاءِ تمام اهم اڳڀرائي هوندي، ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ اوڀر جي چئن ڏينهن جي دوري تي ڪالهه سعودي عرب پهتو، شاهي محل آمد تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جنهن بعد هن رياض ۾ محمد بن سلمان سان توانائي، دفاع، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري بابت معاهدي تي صحيحون ڪيون، عالمي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ مطابق، ٽرمپ جي سعودي عرب جي دوري دوران، ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جن مان 142 ارب ڊالر دفاعي سامان جي خريداري تي خرچ ڪيا ويندا، ٻي پاسي وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هٿيارن جي خريداري بابت 142 ارب ڊالرن جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي تاريخ جو پهريون وڏو معاهدو آهي، هن معاهدي تحت آمريڪا سعودي عرب کي هڪ درجن کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنين پاران تيار ڪيل جديد جنگي سامان ۽ خدمتون فراهم ڪندو، انهن ۾ ايئر فورس کي جديد بڻائڻ ۽ خلائي صلاحيتن ۾ واڌ، هوائي ۽ ميزائل دفاع، سامونڊي تحفظ، بارڊر سيڪيورٽي ۽ زميني فوجن جي جديدڪاري، انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن سسٽمز کي اپگريڊ ڪرڻ شامل آهن، هن معاهدي ۾ اهم سطح جي تربيت ۽ سعودي فوجي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ مدد به شامل آهي، آمريڪا سعودي سروس اڪيڊميز ۽ ملٽري ميڊيڪل سروسز ۾ بهتري آڻيندو.ٽرمپ جي سي سي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته قطر ۽ امارات جو به دورو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.