جنگ بندي جو گرائونڊ سعودي ۽ برطانيا تيار ڪيو: حسن عباس

اسلام آباد (م ڊ) عالمي معاملن جي ماهر پروفيسر حسن عباس چيو ته ڀارت پاڻ آمريڪا کان جنگ بندي لاءِ درخواست ڪئي، ڇو ته پاڪستان جو رد عمل ڀارت لاءِ غير امڪاني هو، کين اندازو نه هو. ڀارتي جهاز ڪيرائڻ سان به فرق پيو جڏهن ته سعودي عرب ۽ برطانيا به جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪيو. جنگ بندي جو گرائونڊ ورڪ سعودي عرب ۽ برطانيا ۾ تيار ڪيو. ان کان اڳ ٽرمپ ۽ ڀارت ۾ واپار بابت جيڪي ڳالهيون ڊگهي وقت کان هلي رهيون هيون، ڀارت جي ڪجهه شرطن جي ڪري آمريڪا جو ساڻس تڪرار به ٿي پيو هو، ٽرمپ امن پسند به آهي ۽  ڊيل ميڪر به آهي. پروفيسر چيو ته ڀارت شروعات ۾ آمريڪا کي چيو ته هو پاڻ پاڪستان کي منهن ڏيندو، پر جڏهن سخت جواب مليو ته ڀارت پوئتي هٽي ويو. پاڪستان جنگ بندي لاءِ شرط رکيو ته ڪشمير جو ذڪر به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. ٽرمپ چيو ته هو ٻنهي ملڪن سان واپار ختم ڪري ڇڏيندو، ڀارت کي واپار بند ڪرڻ جهڙو جواب ڏيڻ ڀارت لاءِ وڏو چئلينج آهي. هاڻي ٽرمپ جي بيانن مان لڳي ٿو ته ڀارت ۽ پاڪستان ڳالهين جي ميز تي ويهندا،  ڀارت هاڻي ڪشمير سميت ڳالهين تي تيار نظر اچي ٿو. حسن عباس جو چوڻ هو ته پاڪستان شدت پسندن خلاف پاليسي تبديل ڪئي آهي، هاڻي انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي ڪجهه هٿياربندن گروهن جي ڪري سندس پوزيشن ڪمزور رهي آهي، جيتوڻيڪ هاڻي پاڪستان جي پاليسي تبديل ٿي چڪي آهي ۽ شدت پسندن کي خاموش ڪرايو ويو آهي پر انهن کي ماري ته نٿو سگهجي، ڇو ته هڪ کي ماريندا ته 5 ٻيا اٿي پوندا. اوهان کي انهن کي انگيج ڪرڻو آهي، مين اسٽريم ۾ آڻڻو آهي، ڀارت سان اهي ڳالهيون ميز تي ڪرڻيون پونديون ته اسان به ايڪشن کڻي رهيا آهيون، ان ۾ ڪو حرج ناهي. ٻئي پاسي آمريڪا ۾ اهي افواهه آهن ته سعودي عرب جو فلسطين کي آزاد رياست قرار ڏيڻ وارو مطالبو پورو ڪيو ويندو. ٽرمپ اسرائيلي پاليسين جي حوالي سان سخت بيان ڏئي ٿو، ٽرمپ جو قطر وڃڻ، دبئي وڃڻ اهم آهي، اهي سڀ ملڪ اهم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.