حڪمرانن کي ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ڏنل زمينون واپس ڪرڻيون پونديون: زين شاهه

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي عوام سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ ماڳن، مڪانن ۽ سياحتي هنڌ کسڻ وارن منصوبن خلاف ريفرنڊم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ جا ماڻھو ھاڻ ڪنهن به دوکي ۾ نه ايندا، حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ڪئنالن جي منصوبن کي سدائين جي لاءِ ختم ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت ڪمپنين کي ڏنل زمينون واپس ڪرڻيون پونديون، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سيد زين شاهه چيو ته اسان پرامن جدوجھد ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو به ختم ڪرائينداسين، بردباري ۽ مستقل مزاجيءَ سان جدوجھد جي مرحلن کي اڳتي وڌايو ويندو، سنڌ حڪومت ڪمپنين کي ڏنل زمينن جا انگ اکر ظاھر ڪري، سنڌ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ نٿي چاهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙو سنڌ دشمن منصوبو ختم ٿئي، جيئن پيپلزپارٽي ڪئنالن جي معاملي ۾ سنڌ جي ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهائيندي رهي آهي، تيئن ئي هو ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تي سنڌ جي ماڻهن گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي، پر سڄي سنڌ سمجهي ٿي ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن تي قبضي جو منصوبو آهي، جيڪڏهن بندوق جي زور تي ڪينال ٺاهيا ويا ته ان جو مطلب اهو ئي سمجهيو ويندو ته توهان 7 ڪروڙ سنڌين خلاف اعلان جنگ ڪري رهيا آهيو، زمينن جي واپسيءَ لاءِ به ڪئنالن خلاف هلايل تحريڪ جهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي. اسان ڪينال رٿا مڪمل طور ختم ڪرائڻ، سنڌ جي زمينن جي واپسي ۽ ساحلي پٽيءَ سميت وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ ڀرپور عوامي سجاڳي مهم هلائينداسين، هي جدوجهد ختم ناهي ٿيڻي. تقريب ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر روشن ٻرڙو، حافظ بخش سھڙو، عبدالسميع چانڊيو، رسول بخش ٿيٻو، خدابخش ٿيٻو، ذوالفقار ٿيٻو، غلام علي ٽالپر، ظھرالدين سھتو ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.