فضائي جهڙپ ۾ پاڪستان جي بالادستي سڀني کي نظر آئي:آمريڪي رسالو

واشنگٽن(م ڊ)ناليواري آمريڪي دفاعي رسالي "دي نيشنل انٽرسٽ” چيو آهي ته 7 مئي تي پاڪستان ۽ ڀارت جي فوجن وچ ۾ ٿيل فضائي جهڙپ پاڪستان جي واضح ڪاميابي تي ختم ٿي آهي،آمريڪي رسالي جي رپورٽ موجب، گهڻا دفاعي ماهر سمجهندا هئا ته ڀارت وٽ وڌيڪ انگ، طاقت ۽ وسيلا هجڻ سبب ان جو پلڙو ڀاري رهندو، پر 7 مئي جي فضائي مقابلي ۾ پاڪستان جي بالادستي سڀني جي سامهون اچي وئي،رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فضائي جهڙپ کان پوءِ پاڪستان طرفان وڏي ڪاميابي جا اعلان ڪيا ويا، جن جي ڀارتي فوج طرفان ڪا به ترديد نه ڪئي وئي، ۽ ترديد نه ڪرڻ جي ڪري ڀارت جي پوزيشن شڪ واري لڳي ٿي،دي نيشنل انٽرسٽ موجب، پاڪستان چين جي جے-10 سي جهازن ۽ ميزائلن جي ذريعي 5 ڀارتي جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ تمام مهانگا ۽ طاقتور سمجهيا ويندڙ فرانسيسي ٺاهيل 3 رافيل جهاز به شامل هئا۔ان کان علاوه، نيشنل انٽرسٽ جي ٻي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان طرفان جي-10 سي جهازن جي ذريعي رافيل سميت 5 جهاز ڪيرائڻ جي خبرن کانپوءِ، جي-10 سي انٽرنيٽ تي ڇانئجي ويا آهن ۽ عالمي ميڊيا، سوشل ميڊيا تي جي-10 سي فائٽر جهاز جو ذڪر عام ٿي ويو آهي، چين جي حڪومت هن سڄي صورتحال تي خاموش آهي، پر چيني عوام ڀارت جي شڪست جو کلي کلي مذاق اڏائين ٿا، چين جي سوشل ميڊيا تي ڀارتي جهازن جي ڪيراڻ تي ميمز جو طوفان آهي، مرد، عورتون ۽ ٻار به سوشل ميڊيا تي ڀارتي جهازن جي ڪِرڻ بابت ميمز ۽ وڊيوز شيئر ڪري رهيا آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.