فوج خلاف پروپيگنڊا ۾ ملوث 500 اڪائونٽن جي نشاندهي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪ-ڀارت جنگ دوران ملڪي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇيندڙن خلاف نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي سرگرم ٿي وئي آهي، ڪارروائي دوران هڪ جوابدار نذير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، نذير جو واسطو جهلم سان آهي، جيڪو مبينا طور سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف مهم هلائيندو رهيو ۽ فوجي آفيسرن سميت ادارن خلاف پروپيگنڊا ۾ شامل رهيو، جوابدار ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ پوسٽون به شيئر ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ سندس خلاف پيڪا ايڪٽ تحت مقدمو داخل ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي هن وقت تائين 500 اڪائونٽن جي نشاندهي ڪري چڪي آهي، جيڪي پاڪ-ڀارت جنگ دوران ملڪي ادارن ۽ فوجي آفيسرن خلاف پروپيگنڊا ۾ ملوث رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.