اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف هر سال 10 مئي تي "يوم معرڪا حق” ملهاڻ جو اعلان ڪيو آهي، پاڪستان ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ "آپريشن بنيان مرصوص” شروع ڪيو، جيڪو ڪامياب رهيو ۽ دشمن جي دفاعي نظام کي تباهه ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته "يومِ معرڪا حق” ملڪ ۾ جوش، جذبي ۽ قومي يڪجهتي سان ملهايو ويندو، بهادر فوجن جي پيشه وراڻي صلاحيتن تي اسان کي فخر آهي، اسان جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم اهو به اعلان ڪيو ته 16 مئي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ الله جي حضور سجدا شڪر ادا ڪرڻ جو ڏينهن طور ملهايو ويندو، هن چيو ته جمعي جي ڏينهن "يومِ تشڪر” جي تسلسل ۾ خاص نفلون ادا ڪيون وينديون، الله جي بارگاهه ۾ دعا گھري ويندي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ التجائون ڪيون وينديون، ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف "معرڪا حق” دوران شهيد ٿيندڙن لاءِ شهدا پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، سرڪاري پڌرائي مطابق، شهدا پيڪيج تحت "معرڪا حق” ۾ شهيد ٿيندڙ شهرين جي وارثن کي 1 ڪروڙ رپيا مالي مدد ڏني ويندي، جڏهن ته زخمي کي 10 لک کان 20 لک رپيا ڏنا ويندا، پاڪ فوج جي شهيدن کي سندن رٽائرمينٽ جي تاريخ تائين مڪمل پگهار ۽ الائونسز جاري رهندا، شهيدن جي ٻارن کي گريجوئيشن تائين مفت تعليم ڏني ويندي، ۽ هر شهيد جي هڪ نياڻي جي شادي لاءِ 10 لک رپيا ميريج گرانٽ ڏني ويندي، ان سان گڏوگڏ پاڪ فوج جي زخمي اهلڪارن کي 20 لک کان 50 لک رپيا في فرد ڏنا ويندا، وزيراعظم اعلان ڪيو ته ڀارتي حملي ۾ متاثر گهرن ۽ مسجدن جي تعمير وفاقي حڪومت ڪندي، شهيدن جي ٻارن جي سار سنڀال حڪومت جي ذميواري آهي ۽ اسين اهو فرض ضرور نڀائينداسين، معرڪا حق جي زخمين جي علاج جو سمورو خرچ به وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي دفاع لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙن کي قومي سطح تي تسليم ڪيو ويندو ۽ ملڪ جي دفاع ۾ ڪنهن به محاذ تي خدمتون ڏيندڙن کي اعزازن سان نوازيو ويندو، وزيراعظم چيو ته بنيان مرصوص ذريعي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، اسين خطي ۾ هميشا امن چاهيون ٿا.