واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا ۽ چين وچ ۾ هلندڙ واپاري ڇڪتاڻ ۾ نرمي اچي وئي، جتي ٻنهي ملڪن 90 ڏينهن لاءِ ٽيـرف ۾ 115 سيڪڙو گهٽتائي تي اتفاق ڪري ورتو آهي،جنيوا ۾ چيني اختيارين جي آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ سان ملاقات ٿي، جتي واپاري محصولن (ٽيـرف) ۾ واپسي تي معاهدو طئي ٿيو، جنهن جو اعلان آمريڪي ناڻي واري وزير طرفان ڪيو ويو، اسڪاٽ بيسنٽ ٻڌايو ته آمريڪا ۽ چين باهمي واپار تي لاڳو ٽيـرف ۾ 115 سيڪڙو گهٽتائي تي راضپو ڏيکاريو آهي ۽ ٻنهي ملڪن فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ 90 ڏينهن لاءِ لاڳو پابنديون معطل ڪيون وڃن، ٻئي طرف چين جو چوڻ هو ته آمريڪا سان واپاري ڳالهين ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ٽيـرف ۾ گهٽتائي ٻنهي ملڪن سميت سڄي دنيا جي مفاد ۾ آهي،خبر ايجنسي موجب ڳالهين ۾ طئي ٿيو ته آمريڪا طرفان چين مان ايندڙ شين تي 30 سيڪڙو ٽيـرف لاڳو ٿيندو، جڏهن ته چين طرفان آمريڪي درآمدات تي 10 سيڪڙو ٽيـرف لاڳو ڪيو ويندو.