واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سيز فائر (فائر بندي) ۾ ٻنهي ملڪن جي تمام گهڻي مدد ڪئي. وائٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت تي ڳالهه ٻولهه لاءِ زور ڀريو، اسان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايٽمي تڪرار روڪيو. ٽرمپ جو چوڻ هو ته اها هڪ تمام خطرناڪ ايٽمي جنگٿي سگهي پئي، جنهن ۾ لکين ماڻهو مارجي سگهن پيا. آمريڪي صدر چيو ته مون کي هي ٻڌائيندي فخر محسوس پيو ٿئي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي قيادت هن سڄي معاملي ۾ همٿ ۽ دانائي جو مظاهرو ڪيو، ٻنهي ملڪن حالتن جي سنگيني کي چڱيءَ ريت سمجهيو ۽ وڏي ثابت قدمي ڏيکاري. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اسان هن عمل ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي، اسان واپار جي ذريعي به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ٽرمپ جو چوڻ هو ته شروعات ۾ جڏهن فائر بندي لاءِ چيو ويو ته ٻئي ملڪ پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه هئا، مون چيو ته اسان اوهان سان بهترين واپار ڪنداسين، پر پهرين هي سڀ ڪجهه بند ڪريو، جيڪڏهن اوهان بند ڪندا ته واپار ٿيندو، نه ڪندا ته ڪو به واپار نه ٿيندو. ٽرمپ چيو ته ماڻهن واپار کي ڪڏهن به اهڙي انداز ۾ استعمال نه ڪيو، جيئن اسان ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايٽمي جنگ روڪرائي ڇڏي، ٻنهي ملڪن کي چيو ته وڙهڻ بند ڪريو، پاڪستان سان جلد ڳالهين جو عمل شروع ٿيندو، آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپار ۾ مدد لاءِ به تيار آهي. وائٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايٽمي تڪرار روڪيو، ٻنهي ملڪن کي چيو ته جنگ بند ڪريو. آمريڪي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جا اڳواڻ پنهنجي موقف تي قائم هئا، آمريڪي انتظاميا جي مداخلت سبب جنگ بندي ممڪن ٿي، آمريڪا سيز فائر ۾ ٻنهي ملڪن جي تمام گهڻي مدد ڪئي، ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ مضبوط رهيا.هاڻ جڏهن جنگ بند ٿي وئي آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپار جي بحالي لاءِ به مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪ خطري واري تڪرار جو خاتمو ڪيو، ٻنهي ملڪن وٽ ڪيترائي ايٽمي هٿيار موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته مون کي توهان کي هي ٻڌائيندي فخر محسوس پيو ٿئي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي قيادت ۽ طاقتور آهي، ٻنهي ملڪن موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال جي سنجيدگي کي سمجهي دانائي ۽ حوصلي سان ڪم ورتو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اها اميد پڻ ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ به ٻنهي ملڪن مان اهڙي ئي ذميواريءَ جو مظاهرو ٿيندو ۽ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪندا. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته مون ٻنهي ملڪن کي چيو ته اچو، اسان اوهان سان وڏي پيماني تي واپار ڪنداسين، جيڪڏهن اوهين ڇڪتاڻ ختم ڪندا ته واپار ٿيندو، نه ڪندا ته ڪو به واپار نه ٿيندو.