سون جي في تولا قيمت ۾ 10 هزار 400 رپين جي وڏي گهٽتائي

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان ۾ سون جي في تولا قيمت ۾ 10هزار 400 رپيا جي وڏي گهٽتائي سامهون آئي آهي، آل پاڪستانجيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولا قيمت هاڻ 10هزار 4 سئو رپيا گهٽجڻ بعد 3 لک 40 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي، ان سان گڏ 10 گرام سون جو اگهه پڻ 8 هزار 970 رپيا گهٽجي 2 لک 91 هزار 923 رپيا ٿي ويو آهي، ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته آمريڪي ٽيريف جنگ ۾ نرمي اچڻ سبب، سون جي اگهن ۾ عالمي ۽ ملڪي سطح تي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، عالمي سون مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 104 ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ هاڻ في اونس قيمت 3 هزار ڊالر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.